اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس ??در ٿاڻي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي ڊي ايس پي اقبال مهمند سميت 3 جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر اقبال مهمند، سپاهين وقار، مرجان، ڪرامت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان ??عزيت ۽ همدرديءَ جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس دهشتگردي جي خلاف فرسٽ لائين آف ڊفينس جو شا??دا?? ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ??در ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي جو پوليس جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان ??ي بقاءَ ۽ ترقي آهي. وزيراعظم ڊرائيور سردار علي ۽ 6 زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه حڪومت کي شهيدن جي لاءِ پئڪيج ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ