اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ مهارت تي ٻڌل ۽ فني تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اهڙن ٻارن کي ملڪ جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ انهن جي فڪري ۽ جسماني واڌويجهه جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر اسلام آباد ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر زور ڏنو ته نيشنل اسڪلز يونيورسٽي کي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هنرمند ماڻهو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽين پاران شاگردن جي لاءِ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي روشني وڌي ته جيئن انهن کي مناسب پيشن جي چونڊ ۾ مدد ملي سگهي. هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته گريجوئيٽس جي معيار ۽ مهارت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالم?? فني تعليمي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي وائيس چ??نس??ر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار اجلا?? کي ملڪ ۾ هنر تي ٻڌل تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت ٻ??ايو. نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ پاران وائيس چ??نس??ر جي فيصلن جي توثيق ڪرڻ ک??نس??اءِ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي پڻ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ مريدڪي شيخوپوره ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سب ڪئمپس جي قيام جي پڻ منظوري ڏني وئي.
ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو