اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته مذهب تي سياست چمڪائڻ، شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائڻ ۽ قومي مف??د کي وڪرو ڪندڙ هاڻي ڪشمير تي سياست ڪري رهيو آهي، آزاد ڪشمير جي وز??راعظم عمران خان جي اتساهڻ تي منگلا ڊيم ج?? مرمت جي منصوبي جي تقريب ۾ افسوسناڪ حرڪت ڪئي، عمران خان پنهنجي ٻڏندڙ سياست خاطر آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي بهتري جي منصوبي جي تقريب کي منفي رنگ ڏيڻ جي گهٽيا ۽ مذمت جوڳي چال هلي، سائفر جا منٽس تبديل ڪري قومي مف??دن کي ٺيس پهچائيندڙ ”ڪاريگر“ سان ٻي اميد ئي ڪهڙي ڪري سگهجي ٿي؟. عمران خان جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چيو ته توشه خانه ڦرڻ ۽ گهڙيون کپائيندڙ هاڻي ڪشمير جي نالي تي پنهنجي گندي ۽ بي شرم سياست ڪري رهيو آهي، ڪشمير فروش وز??راعظم شهباز شريف کي نه ٻڌائي ته ڪشمير جي مسئلي تي ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي هڪ ڪلاڪ اٿ ويهه ڪرڻ ۽ رستن ۽ چوڪن جا نالا تبديل ڪندڙ قومي مف??د تي راند کيڏي رهيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چيو ته افسوس آزاد ڪشمير جي وز??راعظم پنهنجي منصب جو خيال نه رکيو ۽ نه ئي ڪشمير جي مسئلي جي نزاڪت جي پرواهه ڪئي، ذاتي، پارٽي ۽ سياسي مف??دن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي ان ڀونڊي انداز ۾ استعمال ڪرڻ مناسب نه هو، ان کي ان جو خيال رکڻ گهرجي ها ته هو آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وز??راعظم ج?? منصب تي فائز آهي. وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو ته آزاد ڪشمير جي وز??راعظم ڄاڻي واڻي وز??راعظم ج?? تقريب دوران مداخلت ڪئي، وز??راعظم شهباز شريف نرمي سان کيس چوندو رهيو ته اسان ويهي ڳالهه ڪنداسين. وز??راعظم شهباز شريف ان کي اهو به چيو ته ڪو مسئلو آهي ته هو آزاد ڪشمير جي وز??راعظم سان ملي ان کي حل ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم شهباز شريف هر عالمي فورم تي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي مف??دن جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم سميت هر عالمي علائقائي فورم تي ڪشمير جي مسئلي کي پوري قوت سان اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته ڪاش آزاد ڪشمير جو وز??راعظم ان جرئت جو اظهار پنهنجي ڪشمير فروش قائد آڏو ڪري ها. ڪشمير فروش جي نالائقي، نااهلي ۽ سازش جي ڪري ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جو غيرقانوني قدم کڻڻ جي جرئت ٿي. ڪشمير فروش مودي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جون دعائون ڪندو رهيو. ڪشمير فروش چوي ٿو ته مودي جو ٻيهر چونڊجڻ تي ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي سڄو پاڪستان متحد ۽ هڪ آواز آهي، ان حساس معاملي کي سياسي ۽ پارٽي ورڇ جي ور نه چاڙهيو، مهرباني ٿيندي.
مذهب تي سياست چمڪائڻ، شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائڻ ۽ قومي مفاد کي وڪرو ڪندڙ هاڻي ڪشمير تي سياست ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔