اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وفاق?? حڪومت مالي سال 23 – 2022ع جي 9 هزار 500 ارب رپين جي ماپي واري وفاقي بجيٽ پيش ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏيڻ ۽ اڳوڻا ايڊهاڪ ريليف بنيادي پگهارن ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ٽيڪس اوڳاڙيون جو هدف 7004 ارب رپيا رکيو آهي، آبادگارن کي زرعي مشينري، ڪسٽم ڊيوٽي، جڏهن ته مختلف جنسن جي ٻجن تي سيلز ٽيڪس ختم ڪري ڇڏي آهي، ن??ن ٽيڪس روينيو 2000 ارب رپيا هوندو، اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 4100 ارب رپيا ملندا، ڪينولا ۽ سورج مکيءَ جي ٻجن تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، انڪم ٽيڪس جي گهٽ کان گهٽ شرح 6 لک مان وڌائي 12 لک ڪئي وئي آهي، وياج جي ??رح 11.7 سيڪڙو مان گهٽ ڪري ايندڙ مالي سال جي لاءِ هدف 11.5 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي، واڌويجهه جي ??رح جو هدف 5 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي، 1600 سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي ايڊوانس ٽيڪس وڌائڻ، ن??ن فائيلرز جي لاءِ ٽيڪس جي موجوده شرح 100 سيڪڙو مان وڌائي 200 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، 200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ کي سولر پينل جي ??ريداري تي بئنڪن مان آسان قسطن تي قرض ڏنا ويندا، سولر پينل جي ??رآمد ۽ مقامي سپلاءِ تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، هڪ لک کان وڌيڪ نوجوانن کي ليپ ٽا?? ڏنا ويندا، فلم کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل مالي سال 23 – 2022ع جي ??جيٽ پيش ڪندي چيو ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ اعزاز آه?? ته آئون ايوان ۾ اتحاد?? حڪومت جي ??جيٽ پيش ڪري رهيو آهيان، هي هڪ اهڙو اتحاد آهي جنهن کي گذريل چونڊن ۾ عوام جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ جي ??مايت حاصل آهي، هن حڪومت ۾ وفاق جي ??ڀني ڌرين جي نمائندگي آهي ان لاءِ ملڪي معيشت بابت ڪيل فيصلن کي قوم جي وڏي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته حڪومت کي گذريل پوڻا چئن سالن جي ??ري ڪارڪردگي سان پيدا ٿيندڙ خراب معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ جو مشڪل چئلينج درپيش آهي. گذريل حڪومت مسلسل پوڻا چار سال تائين پاڪستان ۽ ان جي ??وام کان خدا ڄاڻ?? ته ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺندي رهي، انهن جي ??ي سمجهي جي ??نياد تي سماجي ڍانچو متاثر ٿيو، معاشي ترقي بند ٿي وئي ۽ قومي اتحاد ڀورا ڀورا ٿي ويو، ان عرصي معاشي بدانتظامي عروج تي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ عام ماڻهو بري طرح متاثر ٿيو، رپئي جي قدر ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ ائي، جنهن جي ??نياد تي هر شيءَ جي قيمت وڌي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي ??ندگي زهر بڻجي وئي، گذريل پوڻا چئن سالن ۾ هڪ ناتجربيڪار ٽيم ملڪ کي تباهي جي ڪنڌيءَ تي آڻي بيهاريو، هر سال هڪ نئون ماڻهو بجيٽ پيش ڪندو هو ۽ نه رڳو هر سال پر سال جي ??وران حڪومت جي معاشي پاليسي تبديل ٿي ويندي هئي، جنهن جي ڪري سيڙپڪارن ۽ ڊيولپمينٽ پارٽنرز جي ??عتماد کي ڌچڪو لڳو، اهي ماڻهو ڳالهيون ڪري پوءِ ڦري ويندا هئا. پاڪستان جي ماڻهن ته هر مرحلي تي انهن کي يوٽرن وٺندي ڏٺو پر ان عادت کان مجبور ٿي هنن عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن جي ??امهون به بار بار موقف تبديل ڪرڻ جي ??ادت وڌي، ان جي لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام جيڪو هن سال ختم ٿيڻو هو اهو فيبروري ۾ سسپينڊ ٿي ويو ۽ جيڪي بنيادي سڌارا 2019ع ۾ ٿيڻا هئا اهي اڃا تائين ناهن ٿيا، معيشت جي ڍانچاجاتي بگاڙ کي درست ڪرڻ جي لاءِ بنيادي سڌارا آڻڻ جي ??رورت هوندي آهي، جنهن جو هڪ فوري منفي ردعمل به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر معيشت مضبوط بنيادن تي بيٺل هجڻ گهرجي. گذريل حڪومت اهڙن قدمن کان پاسو وٺندي رهي، ان جي لاءِ اهي سڀئي سڌارا ملتوي ٿيندا رهيا، جنهن جي ڪري اڄ معيشت پنهنجي پيرن تي ناهي بيٺل ۽ خوشحالي اسان کان پري ٿي وئي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت وٽ وقت تمام گهٽ آهي، اسان تمام آساني سان انهن تبديلين کي ايندڙ حڪومت تي وجهي پئي سگهياسين پر ان ۾ ملڪ جو نقصان هو ان لاءِ اسان فيصلو ڪيو آه?? ته اهي سڀئي تبديليون ڪيون وينديون جنهن سان معيشت ۽ ملڪ جو فائدو ٿيندو. اسان اهو ڄاڻيندي به حڪومت ۾ اچن جو فيصلو ڪيو ته معيشت جي ??الت تمام گهڻي خراب آهي، اسان وٽ ٻه آپشن هئا هڪ ته ملڪ کي ان صورتحال ۾ ڇڏي ڏيون ٿا ۽ نئين چونڊن جو اعلان ڪريون ها پر اهڙي طرح معيشت جو ٻيڙو غرق ٿي وڃي ها ۽ ملڪ کي ٻيهر پٽڙي تي چاڙهڻ مشڪل ٿي وڃي ها، ان لاءِ اسان ٻيو رستو اختيار ڪيو ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا، هي مشڪل رستو آهي ضرور آهي پر ڊگهي مدي واري ترقي جو رستو صرف اهو ئي آهي، اسان اڳ ۾ به اهو ئي ڪيو آهي، اسان ڪري سگهون ٿا ۽ اسان ڪري ڏيکارينداسين. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اسان سدائين قومي مفاد کي پنهنجي ??ياسي مفاد تي ترجيح ڏني آهي. هن وقت به اسان جي ??ولين ترجيح معاشي استحڪام آهي، اسان جي معيشت جو هڪ بنيادي مسئلو اهو رهيو آهي، اڪثر معاشي ترقي جي ??رح 3 کان 4 سيڪڙو جي وچ ۾ رهي ٿي، جيڪا اسان جي ??بادي ۾ اضافي جي ??رح سان هڪ جهڙائي نه ٿي رکي، ان جي ??بتڙ جڏهن معاشي ترقي جي ??رح 5 کان 6 سيڪڙو کان مٿي وڃي ٿ?? ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ضابطي کان ٻاهر وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اسان معيشت کي هلائڻ لاءِ امير کي طبقي کي مراعتون ڏيون ٿا جنهن سان درآمد وڌي ٿي پر روانگي واپار اتي جو اتي بيٺل هوندو آهي، اهو ئي گذريل سال ٿيو پر اٽڪل سدائين ائين ٿيو ان لاءِ اسان کي نئين سوچ اختيار ڪرڻي پوندي ۽ هڪ قوم جي ??ور تي ان جو حل ڪڍڻو پوندو. اسان کي معيشت کي هلائڻ جي لاءِ گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي کي مراعتون ڏيڻيون پونديون، جنهن سان مقامي پيداوار وڌندي ۽ زراعت کي به ترقي ملندي. مفتاح اسماعيل چيو ته اسان کي غريب جي معاشي حالتن کي سڌارڻو پوندو ۽ غريبن کي سهولتون ڏيڻيون پونديون ته جيئن انهن جي ??مدني وڌي جڏهن غريب جي ??مدني وڌندي آه?? ته هو اهڙيون شيون خريد ڪري ٿو جيڪي ملڪ جي ??ندر تيار ٿين ٿيون، اهڙين روزمره جي ??ستعمال جي ??ين تي خرچ ڪيل رقم سان درآمد ناهي وڌندي پر ملڪ جي ??ندر معاشي ترقي جو عمل شروع ٿي ويندو آهي، ائين ڪرڻ سان اسان مستقل بنياد تي هڪ جامع ترقي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان جي معاشي ترقي جو بنياد رکڻو پوندو. اهڙو مضبوط بنياد جنهن تي مستحڪم واڌويجهه جي ??اندار عمارت اڏي سگهجي، جيڪا پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان سدائين جي لاءِ قائم رهي، اسان کي ترقي جو فارمولو راونگي واپار وڌائڻ تي مرڪوز ڪرڻو پوندو، اسان کي زراعت، آءِ ٽي ۽ صنعتي روانگي واپار وڌائڻو پوندو، اسان کي زرعي شعبي جي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ملڪي روانگي واپار جي ??گهه وڌائڻي پوند?? ته جيئن هو عالمي منڊي ۾ ٻين ملڪن جي مصنوعات جو مقابلو ڪري سگهي. اسان کي واپار جي ??هترين ٽيڪنڪس کي وڌائڻو پوندو ته جيئن مقامي ۽ ٻاهريان سيڙپڪار وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ڪن. اسان کي مشينري ۽ ڪچي مال جي ??رآمد کانپوءِ ان جي ويليو ۾ اضافو ڪري برآمد ڪرڻو پوندو، اهڙي طرح جيترو آمدني واپار وڌندو ان کان ٻيڻ تي روانگي واپار ۾ به اضافو ٿيندو. مفتاح اسماعيل چيو ته سڀني کي خبر آه?? ته اسان کي تباهه حال معيشت کي سڌي رستي تي آڻڻ جو انتهائي مشڪل چئلينج آهي. گذريل پوڻا چئن سالن ۾ معاشي استحڪام جاري رهيو، تاريخي مهانگائي، پرڏيهي ناڻي جي مشڪلاتن، وڌيڪ لاڳت تي حد کان وڌيڪ قرض حاصل ڪرڻ، لوڊشيڊنگ ۽ مٿان کان مسئلن جو حل ڪڍڻ ۾ ناڪام اڳوڻ?? حڪومت عوام جي ??ندگين کي مشڪلاتن جي ور چاڙهي ۽ تباهه ڪري ڇڏيو. هن چيو ته گذريل پوڻا چئن سالن جي ??دانتظامي جي ڪري پاڪستان مهانگائي جي ??ساب سان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي آهي، ساڍا 7 ڪروڙ غربت جي ??ندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهن مان 2 ڪروڙ جو اضافو گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ٿيو، جڏهن ته انهي دوران 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن، پنهنجي پوڻا چئن سالن جي مدي ۾ اڳوڻ?? حڪومت 20 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، جيڪو لياقت علي خان ۽ خواجه نظام الدين کان ويندي ايوب خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، ميان محمد نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ اسپيڪر توهان سميت سڀني وزيراعظمن جي ??ڪومتن جي 71 سالن ۾ ورتل قرضن جي 80 سيڪڙو جي ??رابر آهي، ان جو سبب اهو هو ته هنن آمدن تي وڌيڪ خرچ ڪيو ۽ پاڪستان جي ??اريخ جون چار بلند ترين خساري واريون بجيٽون پيش ڪيون، انهن جو سراسري بجيٽ خسارو 8.6 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهيو، ان دوران ساليانو تقريبن 5 هزار ارب رپين جو قرض وڌايو ويو ۽ هلندڙ مالي سال ۾ 5 هزار 100 ارب رپين جي ??ساري جو امڪان آهي. اهڙي طرح بجلي جو گردشي قرض هڪ هزار 62 ارب رپين مان وڌي جيڪو اسان مئي 2018ع ۾ ڇڏي وياسين هئاسين، هاڻي 2 هزار 500 ارب رپين جو ٿي ويو آهي ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گئس جي ??عبي ۾ گردشي قرض ڏسڻ ۾ آيو آهي، جيڪو مارچ 21 – 2022ع ۾ 14 سئو ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته منهنجي قائد ميان نواز شريف جي ??ور ۾ مهانگائي گهٽ کان گهٽ سطح تائين پهچائي وئي، مهانگائي جي ??رح تقريبن 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هئي، جڏهن ته ناڻي واڌ جي گهٽ کان گهٽ شرح 3.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل پوڻا چئن سالن جي ??دانتظامي جي ڪري پاڪستان هڪ مستقل مهانگائي جي لهر ۾ آهي، ڇو ته گذريل وزيراعظم چوندو هو ته آئون ٽماٽي ۽ بصر جون قيمتون ڏسڻ ناهيان آيو پر ملڪ کي عظيم بڻائڻ آيو آهيان. اسان کي خبر آه?? ته غريب ماڻهو کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهي ڪهڙو ملڪ عظيم بڻجي ??گهي ٿو. مفتاح اسماعيل چيو ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچ?? ته عمران خان جي ??ڪومت ايندي ئي کنڊ ۽ اٽي جون قيمتون ڇو وڌي ويون، 2013ع ۾ کنڊ جي قيمت 55 رپيا ڪلو هئي ۽ 2018ع ۾ جڏهن اسان وياسين ته کنڊ جي قيمت 53 رپيا في ڪلو هئي پر پوءِ 2018ع کان پوءِ کنڊ جي قيمت کي پَر لڳي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي 140 رپين تائين پهچي وئي ۽ پوءِ وزيراعظم شهباز شريف آيو جنهن ان کي 70 رپيا ڪلو تي ڇڪي آندو، اهڙي طرح 2018ع ۾جڏهن اسان ڇڏي وياسين ته اٽي جي قيمت 35 رپيا في ڪلو هئي، جيڪا نئين پاڪستان ۾ وڌي 80 رپيا في ڪلو ٿي وئي پر پوءِ شهباز شريف آيو جنهن يوٽيلٽي اسٽورز ۽ ڪيترن ئي خصوصي دڪانن تي اٽو 40 رپيا في ڪلو فراهم ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن اسان وياسين ته پاڪستان کنڊ ۽ ڪڻڪ ٻاهر موڪليندڙ هو پر هاڻي اسان ٻئي شيون گهرائي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل دور ۾ مهانگائي کي وڌائڻ ۾ توانائي جي قيمتن جو به عمل دخل آهي، اسان توانائي جو مسئلو به وڏي حد تائين حل ڪري چڪا آهيون، توانائي جي هن بحران ۾ ٻيهر شدت آڻڻ جي ??ميوار پي ٽي آءِ جي ??ڪومت جا گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪيل غلط فيصلا ۽ پاليسيون آهن، هنن اسان جي ڪيل ايل اين جي ??ستن سودن تي ڪوڙا الزام هنيا، جنهن جي ڪري هتي ويٺل ڪيترن ئي معزز ميمبرن کي جيل ۾ وڃڻو پيو، اسان کي به اهو به گوارا هجي ها جيڪڏهن هي ايل اين جي ??ستي اگهن تي وٺن ها پر هنن ڪوويڊ جي ڪري ميسر ٿيندڙ سستن اگهن تي به ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪرڻ بدران مهانگن اگهن تي موقعي تي خريداري ڪئي جنهن سان اسان کي فوري ضرورتن جي لاءِ مهانگي ايل اين جي ??ريد ڪرڻي پئي، ان جي ??اوجود اسان تي الزام هنيا ويا ۽ مون سميت ڪيترن ئي ميمبرن کي جيلن ۾ وڌو ويو پر اسان جي ڀينرن ۽ پٽن کي به گهليو ويو ۽ اهي اڄ به عدالتن ۾ پيشيون ڀوڳي رهيا آهن. هن چيو ته فيبروري جي ??خر ۾ جڏهن عمران خان جي ??ڪومت کي لڳو ته انهن جي ??لوداع ڪرڻ جا ڏينهن ويجها آهن ته هنن اتحاد?? حڪومت جي ??ستي ۾ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون پر اصل ۾ اهي پاڪستان جي معيشت لاءِ بارودي سرنگهون هيون، جهڙي طريقي سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، جڏهن ته حڪومت جو خزانو قرض گهري هلايو پئي ويو، ان کانسواءِ ان قدم سان اسان جي ??ياست هڪ سنگين اقتصادي بحران ۾ ڦاسي پئي، جنهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم جي قيمتن کي نظر ۾ رکندي گهٽ آمدني واري طبقي کي تحفظ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان لاءِ ان جي هدايت تي 40 هزار رپيا ماهوار کان گهٽ آمدني وارن خاندانن کي 2 هزار رپيا ماهوار مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو جون 2022ع کان لاڳو آهي، ان سان اٽڪل 8 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هي امداد مالي سال 23 – 2022ع جي ??جيٽ ۾ شامل ڪئي وئي آهي، ان ۾ ضروري نه آه?? ته ڪنهن وٽ ڪار يا موٽرسائيڪل هجي پر جيڪا عوام بس ۾ سفر ڪري ٿي اها به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي، جيڪي مستحق ماڻهو بي آءِ ايس پي ۾ اڳ کان رجسٽرڊ آهن، انهن کي جون جي مهيني ۾ 2 هزار رپين جي ??ضافي ادائيگي پاڻمرادو ڪئي پئي وڃي، ان ۾ وڌيڪ 60 لک خاندانن کي شامل ڪيو پيو وڃي، جن کي هر مهيني 2 هزار رپيا ڏنا ويندا. مفتاح اسماعيل چيو ته 2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ پاڪستاني ڪرنسي ۾ استحڪام ڏسڻ ۾ آيو آهي پر وري انتها درجي ??ي معاشي بدانتظامي جي ڪري 2018ع کان 2022ع جي وچ ۾ رپئي جي قيمت ۾ اٽڪل 61 سيڪڙو لاٿ ٿي جيڪو ڊالر جي ڀيٽ ۾ 115 رپين کان 189 رپين تائين پهچي ويو ۽ بدانتظامي جي ??فٽر شاڪس جي ڪري 200 جي ??د پار ڪري ويو پر اسان ڪرنسي کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ سڀئي ضروري قدم کنيا آهن ۽ اميد آه?? ته انشاءَ الله هاڻي اسان جو رپيو مستحڪم رهندو. مفتاح اسماعيل چيو ته بجيٽ جي ??فصيل ۾ وڃڻ کان پهرين آئون حڪومت جي ??وچ ۽ ترجيحن تي ڳالهائڻ چاهيندس ڇو جو وزيراعظم چاهي ٿو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي، خاص طور تي اها غريب عوام جيڪا مهانگائي جي هن طوفان سان وڙهڻ جي ??گهه نه ٿي رکي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت امداد ۽ سبسڊي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن پر ائين مستقل بنيادن تي ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ذريعا فراهم ڪرڻا پوندا، ان مقصد جي لاءِ اهو ئي طريقو آه?? ته وڌيڪ آمدني ڪمائڻ جي لاءِ اسپيشل ٽيڪس لڳايو وڃي، اهڙي طرح دولت جو رخ غريب عوام طرف موڙيو وڃي، ان مقصد جي لاءِ آمدني تي تيڪس يا اهڙين شين تي ٽيڪس لڳايا ويندا، جيڪي وڌيڪ آمدني وارا ماڻهو استعمال ڪن ٿا ۽ وچولو طبقو ۽ غريب عوام گهٽ استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته اسان جي ??ڪومت جي ??جيٽ فلاسافي اها آه?? ته اسان هڪ طرف زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسين ته جيئن نه رڳو آبادي لائق زمين جي ??يراضي ۾ اضافو ڪري سگهجي پر في ايڪڙ پيداوار ۾ به اضافو ڪري سگهجي، خاص طور تي کاڄرو تيل پيدا ڪندڙ فصل مثال طور مڪئي، سورج مکيءَ ۽ ڪينولا جي پوکيءَ ۾ اضافو ڪيو ويندو ته جيئن زرعي درآمد ۾ گهٽتائي اچي ۽ جاري خرچن جي ??ساري ۾ به لاٿ آڻي سگهجي. ٻئي طرف اسان اهڙين صنعتن کي ترقي ڏينداسين جن جي پيداوار برآمد ڪري سگهجي، اهڙي طرح اسان کي قيمتي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ٿيندو ۽ ٻاهرئين ادائيگين جي ??وازن کي پائيدار بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نئين اوڳاڙين سان گڏوگڏ اهو به ضڙوري آه?? ته جيڪي اوڳاڙيون هن وقت وصول ڪيون پيون وڃن انهن جي ??نتظام ۽ مئنيجمينٽ کي درست ڪيو وڃي، جيڪڏهن اوڳاڙين ۾ چوري کي ختم ڪيو وڃي جيڪا گذريل پوڻا چئن سالن ۾ وڌي وئي هئ?? ته چڱي چوکي انداز ۾ اضافي وصولي ٿي سگهي ٿي، ان سان گڏوگڏ اسان نان ٽيڪس روينيو وڌائڻ جي لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪفايت شعاري اسان جي ??ڪومت جي ??ولين ترجيح آهي، حڪومتي خرچن ۾ لاٿ هن بجيٽ جو حصو آهي، اسان ان سلسلي ۾ ٺوس قدم کڻي رهيا آهيون، صرف زباني ڳالهيون نه ٿا ڪريون. گاڏين جي ??ريداري تي مڪمل پابندي هوندي، ترقياتي بجيٽ کانسواءِ فرنيچر جي ??ريداري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ڪابينا ۽ سرڪاري عملدارن جي پيٽرول جي ??د کي 40 سيڪڙو تائين گهٽ ڪيو ويو آهي، حڪومت جي ??رچ تي لازمي ٻاهرئين ملڪن جي ??ورن کانسواءِ ٻين سڀني دورن تي پابندي هنئي وئي آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ پينشن جي مد ۾ ايندڙ مالي سال ۾ 530 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، ٻين ملڪن وانگر اسان پينشن فنڊ قائم ڪري رهيا آهيون، جنهن جي لاءِ رقم جاري ڪئي وئي آهي. ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي ??والي سان ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب معيشت کي ترقي جي ??ستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اسان جي ٽيم ميڊيم ٽرم ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جوڙيو آهي، مون کي پورو يقين آه?? ته ان وسيلي معيشت صحيح رخ اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي، اسان جي لاءِ وڏو چئلينج ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کانسواءِ واڌويجهه حاصل ڪرڻ آهي، ان لاءِ ايندڙ سال توازن کي خراب ڪرڻ کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ 5 سيڪڙو گروٿ حاصل ڪئي ويندي، اهڙي طرح جي ڊي پي 67 کرب رپين مان وڌائي ايندڙ مالي سال دوران 78.3 کرب رپين تائين پهچايو ويندو. ناڻي واڌ جي ??والي سان هن چيو ته هن وقت ناڻي واڌ 11.7 سيڪڙو آهي، جيڪا گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ بلند ترين سطح تي آهي. حڪومت کي خبر آه?? ته غريب ماڻهو مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي ??هيو آهي، اسان مانيٽري پاليسي ۽ فسڪل پاليسي کي بهتر بڻائيندي مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ايندڙ مالي سال ۾ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ڪري 11.5 سيڪڙو تي آندو ويندو. ايف بي آر جي ٽيڪسز جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ايمرجنگ مارڪيٽ ملڪن ۾ ٽيڪس جي ??رح جي ڊي پي جو اٽڪل 16 سيڪڙو آهي پر پاڪستان ۾ هن وقت اها شرح 8.6 سيڪڙو آهي. ايندڙ مالي سال دوران اها شرح 9.2 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جي ??جويز آهي، 18 – 2017ع ۾ اسان اها شرح 11.1 سيڪڙو تي ڇڏي ويا هئاسين. مجموعي خساري جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مجموعي خسارو جيڪو هن سال جي ڊي پي جو 8.6 سيڪڙو آهي ان ۾ آهستي آهستي گهٽتائي آندي ويندي، ايندڙ مالي سال دوران ان ۾ گهٽتائي آڻي ان کي 4.9 سيڪڙو تائين آندو ويندو، اهڙي طرح مجموعي شروعاتي بيلينس جيڪو جي ڊي پي جو منفي 2.4 سيڪڙو آهي، ان ۾ بهتري آڻي ايندڙ مالي سال ۾ ان کي مثبت 0.19 سيڪڙو تائين آندو ويندو. واپاري خساري جي ??والي سان ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي ??ڪومت برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي ۽ درآمدات جي وڌندڙ رجحان تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه?? ته جيئن واپاري توازن عمل ۾ آندو وڃي ۽ ڊالر جي قيمتن جو تعين پاڻمرادو صحيح رستي تي گامزن ٿي وڃي. آمدني واپار جيڪو هن وقت 76 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي، ايندڙ مالي سال ان ۾ گهٽتائي آڻي ان کي 70 ارب ڊالر جي ??طح تي آڻينداسين، روانگي واپار جيڪو هن وقت 31.3 ارب ڊالر آهي ايندڙ مالي سال ان کي 35 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا قدم کنيا ويندا. انهن قدمن سان ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس کي جي ڊي پي جي منفي 4.1 سيڪڙو کان گهٽتائي ايندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي 2.2 سيڪڙو تي آندو ويندو. مٽاسٽا جي ناڻي جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال مٽاسٽا جو ناڻو 31.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. ايندڙ مالي سال ۾ ان کي 33.2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي ??ميد آهي. قومي قرض جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن سال وياج جي ??دائيگي ۾ ڪل خرچ 3 هزار 144 ارب رپيا ٿيندا، جنهن ۾ ملڪي وياج جي ??دائيگي 2 هزار 770 ارب رپيا ۽ ٻاهرئين وياج جي ??دائيگي 373 ارب رپيا ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ سال ان مد ۾ ڪل ادائيگي 3 هزار 950 ارب رپيا ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، جنهن مان 3 هزار 439 ارب رپيا اندروني ۽ 511 ارب رپيا غيرملڪي قرضن تي خرچ ٿيندا. عام خسارو جيڪو 18 – 2017ع ۾ 25 هزار ارب رپيا هو، مارچ 2022ع ۾ 44 هزار 365 ارب رپين تائين پهچي ويو، جيڪو جي ڊي پي جو 72.5 سيڪڙو آهي، اسان مالي سال جي ??خري ٻن مهينن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي ڪري قرض ۾ اضافي جي ??فتار کي گهٽ ڪيو آهي. قانون موجب حڪومت جي قرض وٺڻ جي ??د جي ڊي پي جو 60 سيڪڙو مقرر ڪيل آهي. ناڻي واري وفاقي وزير FRDLA 2005 ۾ ترميم جي ??والي سان چيو ته ناڻي واري وزارت جي قرض مئنيجمينٽ آفيس کي ماهر فراهم ڪيا ويندا. قرضن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ان جي مينڊيٽ ۽ اختيارن ۾ اضافو ڪليو پيو وڃ?? ته جيئن قرضن جو استعمال موزون بنيادن تي رکي سگهجي. هن چيو ته آئون ايوان کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته اڳوڻ?? حڪومت قرضن جي ??ي پروفائيلنگ ڪرڻ وقت 2029ع ۾ 5 هزار 400 ارب معنيٰ 5 لک 40 هزار ڪروڙ ارب رپيا هڪ ئي ڀيري ادا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، تصور ته ڪريو ڇا پوري ڊوميسٽڪ مارڪيٽ هڪ ئي ڀيرو ايڏي وڏي رقم جو بندوبست ڪري پئي سگهي، بلڪل به نه، اسان ان تمام وڏي قرض جي ??دائيگي جي ??قم کي ٽڪرن ۾ ورهائ?? حڪومت ۽ مقامي مارڪيٽ جي لاءِ قابل ادائيگي بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته آئون بجيٽ ايلوڪيشن جون اهم ڳالهيون ٻڌائڻ کان پهرين توهان کي آمدني ۽ خرچن بابت ٻڌائيندس. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ ايف بي آر جو روينيو 6 هزار ارب رپيا هوندو، جنهن مان صوبن جو حصو 3 هزار 512 ارب رپيا هوندو، وفاق جو نج روينيو 3 هزار 808 ارب رپيا رهيو، وفاق?? حڪومت جو نان ٽيڪس روينيو هڪ هزار 315 ارب رپيا رهڻ جي ??ميد آهي، ڪل خرچ 9 هزار 118 ارب رپيا هوندا، پي ايس ڊي پي جا خرچ 550 ارب رپيا هوندا، قرض ڏيڻ جي مد ۾ 3 هزار 144 ارب رپيا خرچ ٿيندا، دفاع تي 1450 ارب رپيا خرچ ٿيندا، وفاق?? حڪومت جا خرچ 530 ارب رپيا، پينشن تي 525 ارب ۽ سبسڊي جي مد ۾ 1515 ارب رپيا خرچ ٿيندا ۽ گرانٽ جي مد ۾ هڪ هزار 90 ارب رپيا خرچ ٿيندا. ايندڙ مالي سال ايف بي آر جي ??وينيو جو ڪاٿو 7 هزار 4 ارب رپيا آهي، جنهن مان صوبن جو حصو 4 هزار 100 ارب رپيا هوندو. وفاق?? حڪومت وٽ نيٽ روينيو 4 هزار 904 ارب رپيا هوندو، جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو ۾ 2 هزار ارب رپيا هوندو. وفاق?? حڪومت جي ڪل خرچن جو ڪاٿو 9 هزار 502 ارب رپيا آهي جنهن مان قرض ڏيڻ تي 3 هزار 950 ارب رپيا خرچ ٿيندا ۽ ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي جي لاءِ 800 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. ملڪي دفاع جي لاءِ 1523 ارب رپيا، سول انتظاميا جي ??رچن لاءِ 550 ارب رپيا، پينشن جي مد ۾ 530 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. عوام جي ??هولت لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي لاءِ 699 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ گرانٽ جي ??ورت ۾ 1242 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن ۾ بي آءِ ايس پي، بيت المال ۽ ٻين کاتن جون گرانٽس شامل آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي آئون پٺتي پيل ۽ غريب ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مخصوص ڪيل رقم ۾ اضافو ڪيو آهي، جيڪا 22 – 2021ع 250 ارب رپيا هئي، 23 – 2022ع ۾ اها رقم وڌائي 364 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ 12 ارب رپين جي ??قم يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي شين جي ??بسڊي لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. 5 ارب رپين جي ??ضافي رقم رمضان پئڪيج طور رکي وئي آهي. ايندڙ مالي سال بي آءِ ايس پي تحت 90 لک خاندانن کي بينظير ڪفالت ڪيش ٽرانسفر پروگرام جي ??هولت ميسر هوندي، جنهن جي لاءِ 266 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بينظير تعليمي وظيفي جي پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ ٻارن تائين وڌايو ويندو، ان مقصد جي لاءِ 35 ارب رپين کان وڌيڪ جي ??قم رکي وئي آهي. 10 هزار وڌيڪ شاگردن کي بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ڏني ويندي جنهن جي لاءِ 9 ارب رپين کان وڌيڪ جي ??قم رکي وئي آهي. بينظير نشونما پروگرام سڀني ضلعن تائين وڌايو ويندو، جنهن تي اٽڪل 21.5 ارب رپين جي لاڳت ايندي. ان کانسواءِ 6 ارب رپيا مستحق ماڻهن جي ??لاج ۽ امداد لاءِ پاڪستان بيت المال ۾ رکيا ويا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير توانائي جي ??والي سان چيو ته عوام ۽ صنعت ۽ واپار جي لاءِ توانائي وڏي اهميت رکي ٿي، انهن شعبن ۽ عوام جي لاءِ اسان پنهنجي پهرين ٽن مهينن دوران 214 ارب رپيا اضافي سبسڊي ادا ڪئي آه?? ته جيئن اڳوڻ?? حڪومت جي ??ور جي ??هتن جي ??ار ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ايندڙ مالي سال دوران ان مد ۾ 570 ارب رپين جي ??قم رکي وئي آه?? ته جيئن گرميءَ جي ??خت موسم دوران عوام بجلي جو خرچ برداشت ڪري سگهي. پيٽروليم جي ??عبي ۾ اسان رهتن جي ??دائيگي لاءِ 248 ارب رپين جي ??قم جاري ڪئي ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ 71 ارب رپيا مهيا ڪيا آهن. اسان جلد گئس جي نئين اگهن جو اعلان ڪنداسين جنهن تحت صنعتن کي علائقي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مناسب اگهن تي گئس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، جنهن سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. تعليم جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪيترين ئي مالي مجبورين جي ??اوجود اهو شعبو هاڻي صوبن کي منتقل ڪيو ويو آهي، اسان هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي لاءِ موجوده بجيٽ ۾ 65 ارب رپين جي ??قم مخصوص ڪئي آهي، ان کانسواءِ 44 ارب رپيا هيڪ جي ??رقياتي اسڪيمن جي لاءِ رکيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 70 سيڪڙو وڌيڪ آهن، جيڪو نوجوان نسل سان اسان جي ڪمٽمينٽ جو ثبوت آهي. اسان صوبن کي قائل ڪري رهيا آهيون ته اهي ايندڙ سالن دوران اعليٰ تعليم جي ??عبي جي ??رقي لاءِ وڌ کان وڌ ذميواري نڀائين. هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي ??جيٽ ۾ بلوچستان ۽ ضم ٿيل صوبن ۾ 5 هزار وظيفا شامل آهن، بلوچستان جي ??احلي علائقن جي لاءِ جدا اسڪالرشپ اسڪيم شامل آهي. سڄي ملڪ ۾ شاگردن کي ليپ ٽا?? آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا. انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ??عليم کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ??رض سان اسٽيٽ آف دي آرٽ اڪيوپمينٽ مهيا ڪرڻ جي لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي ??والي سان چيو ته ملڪ جي معيشت لاءِ زراعت ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿي. ٻين قدمن کانسواءِ اسان فصلن ۽ چوپائي مال جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ 21 ارب رپيا رکيا آهن ته جيئن پيداوار وڌائي سگهجي، فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت منصوبابندي ڪميشن ۽ صوبن جي ??عاون سان هڪ ٽن سالن جي گروٿ حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حڪمت عملي جو مقصد پياوار ۾ اضافو ڪرڻ، ابادگارن کي خوشحال ڪرڻ، موسمياتي تبديلي جي ??ثرن جو مقابلو ڪرڻ، سمارٽ زراعت جو فروغ، پاڻ ڀارڻ، ويليو ايڊيشن ۽ ايگرو پروسيسنگ شامل آهي.نوجوانن جي لاءِ کنيل قدمن جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته نوجوان ملڪ جو اهم سرمايو آهن، نيشنل يوٿ ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، نوجوانن جي لاءِ مختلف اسڪيمون رکيون ويون آهن، تعليم پرائي نڪرندڙ نوجوانن جو ملڪي ترقي ۾ ڪردار وڌائڻ جي لاءِ هڪ جامع نظام آندو پيو وڃي. نوجوان روزگار پاليسي تحت 20 لک کان وڌيڪ روزگار جي موقعن تائين نوجوانن جي پهچ يقيني بڻائي ويندي. نوجوانن ۾ ڪاروبار جي فروغ لاءِ 5 لک تائين بنا ڪنهن وياج جي قرض ۽ اڍائي ڪروڙ تائين آسان شرطن تي قرض ڏيڻ جي ??سڪيم شروع ڪئي ويندي. قرض اسڪيم ۾ عورتن جي ڪوٽا 25 سيڪڙو مخصوص ڪئي وئي آهي.نوجوان عورتن جي معاشي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عورتن کي هائي ٽيڪ ۽ ٻين اسڪلز ۾ ترجيحي بنيادن تي تربيت فراهم ڪئي ويندي. سڄي ملڪ ۾ يوٿ ڊيولپمينٽ سينٽرز قائم ڪيا ويندا، انهن سينٽرن وسيلي نوجوانن کي انٽيگريٽيڊ جاب پورٽل تائين پهچ ۽ ان بابت رهنمائي حاصل ٿيندي. ماحولياتي تبديلي جي ??ثرن کي نظر ۾ رکندي نوجوانن جي مثبت سرگرمين کي جامع ڪندي گرين يوٿ موومينٽ جو آغاز ڪيو ويندو. ميرٽ جي ??نياد تي مفت ليپ ٽا?? ڏيڻ، هر ڪنهن کي قسطن ۾ ليپ ٽا?? ڏيڻ ۽ 250 مني اسپورٽس اسٽيڊيم ٺاهڻ جي لاءِ رقم رکي ويندي. نوجوانن جي ??لاحيتن جي ??وصلا افزائي جي لاءِ انوويشن ليگ جو به آغاز ڪيو ويندو. 11 کان 25 سالن جي ??مر جي نوجوانن جي لاءِ ٽيلنٽ هنٽ ۽ اسپورٽس ڊرائيو پروگرام پڻ جوڙيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير صنعت ۽ واپار جي ??والي سان چيو ته صنعت ڪنهن به ملڪ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ڪارخانن ۾ ٺهندڙ شيون نه رڳو ٻاهرئين ملڪ موڪليون وينديون آهن پر ملڪي ضرورتن کي به پورو ڪنديون آهن ۽ لکين ماڻهن جي لاءِ روزگار جو ذريعو به بڻجنديون آهن، انهن جي ??هميت کي نظر ۾ رکندي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ??عاون سان صنعتي پاليسي تي ڪم شروع ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن کان ايڪسپورٽرز کي ڊي ايل ٽي ايل جي ??هتن جي ??دائيگي تمام سست رفتار رهي آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي آه?? ته ايڪسپورٽرز جا سمورا ڪليمز جلد ادا ڪيا وڃن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ جي ??صديق ٿيل 40.5 ارب رپيا ادا ڪرڻ جوڳا آهن، اسان اها رقم فوري طور تي ادا ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح مالي مشڪلاتن جي ??اوجود سيلز ٽيڪس جي ??يفنڊز جي ??ه فوري ادائيگي ڪئي پئي وڃي. صنعتڪارن کي مسلسل بجلي فراهم ڪرڻ جي لاءِ صنعتي فيڊرز کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي. سيڙپڪاري جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ هڪ نئين حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪيو ويندو ۽ مشڪل طريقيڪار جو خاتمو ڪيو ويندو. اسانجي ??ڪومت عام شهرين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڊسپيوٽ ريزيوليشن مڪينزم ۾ سڌارا آڻيندي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته اهو نظام سستو، سادو ۽ موثر هجي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ انٽرنيشنل بيسٽ پريڪٽسز کي اختيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ تڪرارن جي متبادل حل جو نظام به شامل هوندو، اهي سڌارا اعليٰ عدالتن جي مشاورت سان آندا ويندا ته جيئن انهن تي وقت سر عمل ڪري سگهجي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻ?? حڪومت هڪ به نئون اقتصادي زون قائم نه ڪيو، 2018ع تائين سي پيڪ تحت انفراسٽرڪچر جو گهڻو ڪم مڪمل ٿي چڪو هو ۽ هاڻي ان کي معيشت لاءِ ڪتب آڻڻ ضروري آهي. چين جي ??ڪومت سان اهو طئي ٿيو هو ته سي پيڪ جي ??وٽ تي 9 خصوصي اقتصادي زونز ٺاهيا ويندا جنهن تي چين ۽ ٻين ملڪن جي ??يڙپڪارن کي ڪارخانا لڳائڻ جي ??هولت فراهم ڪئي ويندي، تنهن هوندي به گذريل حڪومت ان ڪم جي ??فتار ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون پيدا ڪيون ۽ اڃا تائين هڪ به خصوصي اقتصادي زون فعال ناهي ٿي سگهيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آه?? ته سنڌ ۾ ڌاٻيجي، خيبرپختونخواهه رشڪئي ۽ پنجاب ۾ لاهور ۾ خصوصي اقتصادي زونز کي فوري بجلي ۽ گئس جي فراهمي ڪري پهرين فرصت ۾ هلايو وڃي. ثقافت ۽ فلم انڊسٽري جي فروغ جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سياحت ۾ اضافي، معاشرتي ۽ سماجي واڌويجهه، عالمي سطح تي پاڪستان جي ??قافت ۽ تشخص ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ فلم، ثقافت، ورثي، ڊرامي ۽ فنون لطيفا جو فروغ لازمي آهي. 2018ع ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهرين فلم ۽ ڪلچر پاليسي اسان جي ??ور ۾ ڪابينا منظور ڪئي هئي، بدقسمتي سان گذريل چئن سالن ۾ ان تي عمل نه ٿيو ۽ نه ئي وري ان کي اڳتي وڌايو ويو. 2018ع جي فلم ۽ ڪلچر پاليسي تي عملدرآمد جو آغاز ڪندي فلم کي صنعت جو درجو ڏئي رهيا آهيون. هڪ ارب ساليانو لاڳت سان بائنڊنگ فلم فنانس فنڊ قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ فنڪارن جي لاءِ ميڊيڪل انشورنس پاليسي شروع ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته فلمسازن کي 5 سالن جو ٽيڪس هاليڊي، نوان سئنيما گهر، پروڊڪشن هائوسز، فلم ميوزيم قائم ڪرڻ جي لاءِ 5 سالن لاءِ انڪم ٽيڪس ۽ 10 سالن جي لاءِ فلم ۽ ڊرامي جي ??يڪسپورٽ تي ٽيڪس ري بيٽ جڏهن ته سئنيما ۽ پروڊيوسرز جي ??مدني کي انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي. هڪ ارب جي لاڳت سان نيشنل فلم انسٽيٽيوٽ ۽ پوسٽ فلم پروڊڪشن فيسيلٽي کانسواءِ نيشنل فلم اسٽوڊيو قائم ڪيو ويندو. سئنيما پروڊڪشن هائوسز، فلم ميوزيمز، پوسٽ پروڊڪشن فيسيلٽي کي سي ايس آر جو درجو ڏنو پيووڃي. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامي جي گڏيل منصوبن تي ري بيٽ ڏنو پيو وڃي، ان تي 70 سيڪڙو مواد جي پاڪستان ۾ شوٽنگ جو شرط لاڳو هوندو ته جيئن مختلف علائقن جي مارڪيٽنگ سان سياحت ۽ ثقافت وڌي ويجهي، روزگار، نوجوانن جي هنرمندي سميت ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملي، ڊسٽريبيوٽر ۽ پروڊيوسرز تي لاڳو 8 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي، فلم ۽ ڊرامن جي لاءِ مشينري، اوزارن ۽ ساز و سامان جي ??مپورٽ تي ڪسٽم ڊيوٽي تان 5 سالن جي ڇوٽ حاصل هوندي. فنانس بل 2022ع ذريعي ڪسٽم ايڪٽ 1969ع، فنانس بل 2018ع ۾ ترميم ڪري نئين فلم ڊرامن جي لاءِ اوزار گهرائڻ تي سيلز ٽيڪس ٻُڙي ۽ اينٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي، انهن قدمن سان ملڪي فلمي صنعت بحال جڏهن ته دنيا سان پاڪستان جي ميڊيا جو ٽٽي ويل سلسلو ٻيهر بحال ٿيندو، ن??ين ٽيلنٽ جي ??وصلا افزائي خاطر نوجوانن کي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 800 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 18 – 2017ع ۾ اسان وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ هڪ هزار ارب رپيا ڇڏي ويا هئاسين ۽ هاڻي جڏهن اسان حڪومت سنڀالي آه?? ته اهو اٽڪل اڌ رهجي ويو آهي، وفاق?? حڪومت کي پنهنجي ??مدني مان اهڙو انفراسٽرڪچر بڻائڻ گهرجي ??يڪو سڄي ملڪ لاءِ ڪم اچڻ گهرجي، انهن ماڻهن غفلت ۽ غيرزميواري جو مظاهرو ڪندي گوادر بندرگاهه تي ڪم ڪري ڇڏيو، گوادر جيڪا هن علائقي جي ??ڀ کان گهيري پاڻين جي ??ندرگاهه آهي، هن وقت واريءَ ۽ گاري سان لَٽي پئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت منهنجي قائد نواز شريف جي ملڪ ۾ موٽروي جي ڄار وڇائڻ جي ويزن کي به نقصان پهچايو ۽ ڄاڻي واڻي چين جي ??رحد کان ڪراچي ۽ گوادر تائين موٽروي جي ??ستي کي هر هنڌ نامڪمل رکيو ته جيئن ترقي جو اهو رستو ڪٿي پاڪستان ۾ خوشحالي نه آڻي ڇڏي. اهڙي طرح هنن سڄي پاڪستان کي پاڻ ۾ ملائيندڙ ايم ايل ون کي جديد بڻائڻ جي لاءِ محمد نواز شريف جي ??واب کي عملي جامعو پارائڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ۽ پاڪستان کي جديد بڻائڻ جي لاءِ هن اهم منصوبي کي شروع ٿيڻ ئي نه ڏنو، پوڻا چئن سالن تائين عمران خان صرف ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ ڪم ٽڪي جو به نه ڪيو ۽ اهڙي طرح قوم جو انتهائي اهم وقت ضايع ڪري ٻيهر هيليڪاپٽر تي ويهي بني گالا هليو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي آئون ترقياتي پروگرام جي ??رجيحن بابت آگاهي ڏيندس. اسان جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏينداسين ته جيئن انهن تي لڳل پئسا ضايع نه ٿين، آبادي گهٽ هجڻ جي ??اوجود سڀ کان وڌيڪ رقم بلوچستان جي ??رقي تي خرچ ڪئي پئي وڃ?? ته جيئن بلوچستان کي ملڪ جي ??اقي حصن جي ??رابر آڻي سگهجي. صوبن ۽ خصوصي علائقن (آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان) جي لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ رقم وڌائي 136 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. پاڻي ذخيرو ڪندڙ ڊيم اسان جي ??ڀ کان وڏي ترجيح آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي ??ڪم موجب مهمند ڊيم ۽ ديامر ڀاشا ڊيم کي وقت کان پهرين مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي رقم مخصوص ڪئي وئي آهي. چين جي ??رحد کان ٻنهي بندرگاهن کي ملائيندڙ رستن جي ??لسلي کي مڪمل ڪيو ويندو. سي پيڪ تحت انفراسٽرڪچر ۽ اقتصادي زونز جي منصوبن ۾ تيزي آڻي قومي ترقي جي ??فتار وڌائڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. انفراسٽرڪچر جي ??والي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سدائين وانگر ملڪي ضرورتن موجب انفراسٽرڪچر جي ??رقي اسان جي ??رجيح آهي. مجموعي طور تي ان جي لاءِ 395 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجلي جي پيداوار، پهچ ۽ ورڇ ک بهر بڻائڻ حڪومت جي ??رجيح آهي، بجلي جي ??عبي لاءِ 73 ارب روپين جي ??قم مهيا ڪئي وئي آهي، جنهن مان 12 ارب روپيا وزيراعظم جي ??علان موجب مهمند ڊيم جي ??لد پڄاڻي لاءِ خرچ ڪيا ويندا، پاڻي جو اهو ذخيرو زراعت لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ان منصوبي جي ??لد پڄاڻي سان آبادگارن کي فائدو پهچندو، توانائي سان ڳنڍيل شعبو آبي وسيلن وارو آهي، وڏي گهڻ رخي مقصدن لاءِ ڊيم خاص طور تي ديامرڀاشا، مهمند ، داسو، ن??ين گاج ڊيم ۽ ڪمانڊ ايريا پروجيڪٽ لاءِ بجيٽ ۾ سئو ارب روپين جي ??قم شامل ڪئي آهي، جڏهن ته ننڍن ڊيمن، پاڻي جي نيڪاسي جي ??سڪيمن، گهٽ ترقي يافته ضلعن کي ترجيح ڏني وئي آهي، توانائي ۽ آبي وسيلن جا پروجيڪٽ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن جنهن جي لاءِ 183 ارب روپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته شاهرائن ۽ بندرگاهن لاءِ 202 ارب روپيا رکيا ويا آهن، عوام کي مواصلات جي ??هولتن سان نه رڳو صنعت ۽ واپار کي ترقي ملندي آهي پر آبادگارن کي منڊين تائين پهچ ملندي آهي، جڏهن ته لکين ماڻهن کي روزگار به مهيا ٿيندو آهي، اهو ماضي ۾ اسان جو طريقو رهيو آه?? ته اسان موٽرويز شروع ڪريون، ان جي پڄاڻي ڪئي، ۽ اڄ اهي موٽرويز لکين ماڻهو روزاني جي ??نياد تي استعمال ڪري رهيا آهن، حڪومتي سيڙپڪاري کانسواءِ اسان شاهرائن جي ??عمير لاءِ غير سرڪاري سرمايو به استعمال ڪري رهيا آهيون، نجي ??عبي جي ??هڪار سان روڊ تعمير ڪرڻ کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو. پاڪستان ايس ڊي جي ??يس جو سنگنيٽري آهي، ۽ ايس ڊي جي ??يس جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ان پروگرام ۾ عوام کي سڌو سنئون شهري سهولتون ڏنيون پيون وڃن، عوام جي ??ندگي آسان بڻائڻ لاءِ عوام جي ??دمت لاءِ 70 ارب روپين جي وڏي رقم مختص ڪئي وئي آهي ان کانسواءِ سماجي ??عبي ۾ ڪيترين ئي ٻين اسڪيمن لاءِ 40 ارب روپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته اسان جي ??ڪومت جاري پراجيڪٽس جي پڄاڻي کي ترجيح ڏني آهي، بجيٽ ۾ اعليٰ تعليم جي مصنوبن لاءِ 51 ارب روپين جي ??قم رکڻ جي ??جويز آهي، عوام کي صحت جي ??هتر خدمتن جي فراهمي، ڪيترن ئي بيمارين جي ??وڪٿام ۽ ان تي ضابطو آڻڻ، طبي اوزارن جي فراهمي، ويڪسينيشن ۽ صحت جي ??داري جي ??لاحيت ۾ اضافي لاءِ 24 ارب روپين جي ??قم مختص ڪئي وئي آهي. هن مشڪل وقت ۾ به اسان ماحولياتي تبديلي جي ??هميت کان عافل نه آهيون ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تقريبن 10 ارب روپيا رکيا ويا آهن، ان ۾ وڻڪاري ۽ قدرتي ماحول بهتر بڻائڻ جا ٻيا منصوبا شامل آهن، حڪومت آءِ ٽي جي ??عبي ۾ تربيت ڏيڻ ۽ نوجوانن کي ليپ ٽا?? فراهم ڪرڻ، نيٽ ورڪ بهتر بڻائڻ ۽ آءِ ٽي برآمدات کي فروغ ڏيڻ لاءِ 17 ارب روپيا مختص ڪيا آهن، زرعي شعبي ۾ جدت ۽ مشينري جو استعمال وڌائڻ، ليزر سان زمين هموار ڪرڻ، آبپاشي ۾ جدت آڻڻ، معياري ٻجن جي فراهمي ۽ زرعي پيداوار جي ??رآمد لاءِ 11 ارب روپيا رکيا ويا آهن. اسپيشل اڪنامڪ زونز لاءِ ضروري انفرااسٽرڪچر ۽ سروسز فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ايندڙ سال جي منصوبن ۾ شامل آهن، ته جيئن ملڪي ۽ عالمي منڊين ۾ مارڪيٽ شيئر ڪرڻ کي وڌائي سگهجي. اعليٰ ٽيڪنالاجي ??ي ٻڌل ويليو ايڊڊ روانگي واپار، موثر مانيٽرنگ، معدنيات جي ??عبي ۽ انڊسٽري جي ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ بجيٽ ۾ 50 ارب روپيا تجويز ڪيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته جيئن ته سڀ ڄاڻن ٿا ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ميسر نه آهي ۽ نه ئي ٽيڪس جو موجوده نظام انٽرپرينيور شپ جي ??وصلا افزائي ڪندو آهي پر اهي نئين ڪاروبار جي ??وصلا شڪني ڪندا آهن، جڏهن ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري جي ??وصلا افزائي ڪندا آهن ته يقينن هڪ ناخوشگوار پهلو آهي ۽ اهو معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهندو آهي، اهو ريئل اسٽيٽ جي قيمت ۾ مصنوعي اضافي جو سبب بڻجندو آهي جنهن سان رهائشي سهولتون وچولي طبقي ۽ عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي وينديون آهن. هن نان پراڊيڪيٽو سيڙپڪاري سان حاصل ٿيندڙ رقم هڪ طرف مهانگائي جو سبب بڻجندي آه?? ته ٻئي طرف معاشري ۾ بي چيني جو ذريعو بڻجندي آهي، اسان ريئل اسٽيٽ سيڪٽر جي ??وصلا شڪني نٿا ڪرڻ چاهيون، پر اسان ان شعبي کي اهڙي رخ ۾ وٺي وڃڻ چاهيون ٿا جتي اهو شهرين جي ??رقي جو انجڻ بڻجي ??گهي، اسان جي ??جويز جو مقصد ورٽيڪل ڪنسٽرڪشن جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ لاڳو آهي، ان سان غير تعمير شده پلاٽن ۾ اسپيڪيوليشن تي ٻڌل سيڙپڪاري جي ??وصلا شڪني ڪري سگهجي، اها حڪومت ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، اها بدقسمتي رهي آه?? ته انڪم ٽيڪس وصولي جو وڏو حصو ود هولڊنگ ٽيڪس تي ٻڌل آهي، حقيقت ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس جو نظام نه رڳو ٽيڪس جي ڍانچي ۾ بگاڙ پيدا ڪندو آهي پر ڪاروبار ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جو سبب بڻجندو آهي، اسان جي ??ڪومت جو مقصد ان بگاڙ جو خاتمو ڪرڻ آهي، اسان جي ??رجيحن ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس جو تعداد گهٽ ڪرڻ، فائنل ٽيڪسز کي منيمم ٽيڪس ۾ تبديل ڪرڻ ۽ مينيمم ٽيڪس کي ايڊجسٽ ايبل ٽيڪس ۾ بدلائڻ آهي، مفتاح اسماعيل چيو ته هاڻي آئون انڪم ٽيڪس ۾ رليف ميئرس جي ??والي سان ڪجهه تجويزون پيش ڪريان ٿو ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناه?? ته اسان جي معاشري ۾ پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ مسئلن ۾ جڪڙيل آهي پر ان جي ??اوجود انهي طبقي تي ٽيڪس جو اضافي بار به وڌو ويو آهي. تنهن ڪري اسان جي ??ڪومت پگهاردار طبقي جي معاشي پريشاني جي ??زالي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ جي موجوده حد لک کان وڌائي 12 لک ڪرڻ جي ??جويز آهي، ان سان پگهاردار طبقي کي فائدو ٿيندو، جنهن سان هڪ مثبت معاشي سائيڪل پيدا ٿيندو ۽ اها رقم ڪاروبار ۾ اضافي جو سبب بڻجندي، ان کانسواءِ ان سان پگهادار طبقي جي ??نڪم ڊسپوزيبل ۾ اضافو ٿيندو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙين جي ??ريعي قومي معيشت کي به فائدو ٿيندو، مهانگائي کي نظر ۾ رکندي بزنس انڊيوزيل ۽ اي او پي ايس جي لاءِ ڇوٽ جي ??نيادي حد 4 لک کان وڌائي 6 لک ڪرڻ جي ??جويز آهي، هن وقت بهبود سيونگ سرٽيفيڪٽس، بئنڪ پينشرنز بينيفٽ اڪائونٽ ۽ شهيدن جي فيملي ويلفيئر اڪائونٽ ۾ سيڙپڪاري مان حاصل ٿيندڙ منافي تي وڌ کان وڌ 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو آهي، ان کي گهٽ ڪري پينشنرز کي وڌيڪ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 5 سيڪڙو ڪرڻ جي ??جويز آهي. هن چيو ته ننڍي ريٽيلز لاءِ سيلز ٽيڪس ۽ فڪسڊ انڪم جو نظام تجويز ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ٽيڪس جي وصولي بجلي جي ??لن سان گڏ ڪئي ويندي، رجسٽريشن ۽ رپورٽنگ جو آسان نظام آندو ويندو جيڪو ريٽيلرز جي لاءِ آسان هوندو، اهو ٽيڪس 3 هزار کان 10هزار روپين تائين هوندو اها هڪ فائنل سيٽلمينٽ هوندي، آئون ان ڳالهه جي ??مانت ڏيان ٿو ته ان ٽيڪس جي ??دائيگي کانپوءِ ايف بي آر توهان کان ان حوالي سان ڪو به سوال پڇڻ جو مجاز نه هوندو، ن??ڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته صنعتي ادارن ۽ ٻي ڪاروبار کي پهرين سال ۾ 50 سيڪڙو انيشل ڊپريسيشن چارجز کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ??جازت آهي، جيڪا صنعتي ادارن لاءِ اضافي جو بار ۽ مالي مشڪلاتن ۾ سبب بڻجي ??هيو آهي، تنهن ڪري آئون انيشل ڊپريسيشن جي مد ۾ پهرين سال سئو سيڪڙو ايڊجسٽمينٽ جي ??جازت ڏيڻ جي ??جويز پيش ڪريان ٿو. موجوده ٽيڪس نظام ۾ خام مال جي ??رآمد تي وصول ڪيل ايڊوانيس انڪم ٽيڪس عام طور تي ايڊجسٽ نٿو ڪري سگهجي ??نهن سان ڪاروباري طبقي جي ورڪنگ ڪيپيٽل کي شديد نقصان پهچندو آهي ۽ ان جو ڪاروبار بري طرح متاثر ٿيندو آهي، تنهن ڪري اها تجويز ڏني وڃ?? ته درآمد جي وقت صنعتي ادارن مان حاصل ٿيندڙ سڀني ٽيڪسن کي ايڊجسٽ ايبل قرار ڏنو وڃي، آئون هاڻي بجيٽ کي عوام دوست نقطن ۽ معيشت جي پيداواري شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ??وصلا افزائي جي فروغ لاءِ تجويز پيش ڪريان ٿو. منهنجون اهي تجويزون غير پيداواري شعبن ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري کي پيداواري شعبن طرف منتقل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، هن چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آه?? ته صاحب حيثيت ماڻهو جي ??ولت جو وڏو حصو پاڪستان جي ??يئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ موجود آهي، اها ٻن منهن واري تلوار آهي ان سان هڪ طرف نان پراڊيڪٽو ايسٽ جمع ٿيندا آهن ته ٻئي طرف غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ گهرن جون قيمتون وڌي ويندو آهن تنهن ڪري اسان ان عدم توازن کي درست ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، تنهن ڪري اهي سڀئي ماڻهو جنهن جون هڪ کان وڌيڪ ايموايبل پراپرٽي پاڪستان ۾ واقعي آهي ۽ جنهن جي ماليت 25 ملين روپين کان وڌيڪ آهي ان تي فيئر مارڪيٽ ويليو جو 5 سيڪڙو جي ??رابر فرضي آمدن/ڪرايو تصور ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ پراپرٽي جي فيئر مارڪيٽ ويليو جي هڪ سيڪڙو ٽيڪس جي ??رح موثر ٿيندي، جيتوڻيڪ هر ڪنهن جو هڪ عدد ذاتي رهائشي گهر ان ٽيڪس کان آجو هوندو. موجوده معاشي مشڪلاتون صاحب حيثيت ماڻهو کان ايثار جو جذبو ۽ قرباني وارو جذبو گهري ٿي، ضرورت ان ڳالهه جي ??ه?? ته صاحب حيثيت طبقو اڳتي وڌي قومي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. تنهن ڪري اسان ٽيڪس جو هڪ اهڙو نظام جوڙڻ جو ارادو رکون ٿا جتي سڀني طبقن جي ??ثاثن تي برابر طريقي سان ٽيڪس لڳايو وڃي، هاڻي پاڪستان ۾ واقع ايموايبل پراپرٽي جي ڪيپيٽل گين تي هڪ سال هولڊنگ پريڊ جي ??ورت ۾ 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ??جويز آهي، جيڪا هر سال اڍائي سيڪڙو جي گهٽتائي سان گڏ 6 سالن جي هولڊنگ پريڊ جي ??ورت ۾ ٻڙي ٿي ويندو، وڌيڪ فائلرز جي لاءِ پراپرٽي جي ??ريد ۽ وڪري تي ايڊوانس ٽيڪس جي ??رح موجوده شرح هڪ سيڪڙو کان وڌائي 2 سيڪڙو ڪرڻ جي ??جويز آهي جڏهن ته نان فائلرز جي ??وصلا شڪني ڪرڻ لاءِ پراپرٽي جي ??ريدارن لاءِ ايڊوانس ٽيڪس جي ??رح واڌئي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي ??جويز آهي، مفتاح اسماعيل چيو ته ڪير نٿو ڄاڻ?? ته پاڪستان هن وقت سنگين معاشي حالتن جي ور چڙهيل آهي، تنهن ڪري وقت جي ??هم گهرج آه?? ته جائيداد رکندڙ طبقو اڳتي وڌي ۽ پنهنجي وسيلن ۽ آمدني موجب پنهنجي ??صي جو پورو ٽيڪس ادا ڪري، اهم قومي ذميداري نڀائي ۽ غريبن جون دعائون کٽي، وقت اچي ويو آه?? ته ٽيڪس جو بار غريب کان امير طرف منتقل ڪرڻ لاءِ سڀني ماڻهن سميت ڪمپنيون ۽ اي او پي ايس جن جي ??الياني آمدني 300 ملين يا ان کان وڌيڪ هجي ??ن کي 2 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ??جويز آهي. صاحب حيثيت طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ جي ??ن پاليسي جي ??سلسل ۾ 1600 سي سي کان وڌيڪ جي موٽر گاڏين تي ايڊوانس ٽيڪس وڌائڻ جي ??جويز آهي، ان کانسواءِ اليڪٽرڪ انجڻ جي ??ورت ۾ قيمت جي 2 سيڪڙو جي ??رح سان ايڊوانس ٽيڪس به وصول ڪيو ويندو، اهڙي طرح نان فائلرز جي لاءِ ٽيڪس جي ??رح کي موجوده سئو سيڪڙو کان وڌائي 200 سيڪڙو ڪيو ويندو، بئنڪنگ سيڪٽر اعليٰ شرح وياج ۽ سرڪاري سيڪيورٽيز ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي ڪري غير معمولي آمدني حاصل ڪئي آهي، تنهن ڪري ٽيڪس جي ??قيقي صلاحيت کي حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪنگ ڪمپنين ۾ ٽيڪس جي موجوده شرح 39 سيڪڙو کان وڌائي 42 سيڪڙو ڪرڻ جي ??جويز آهي، جنهن ۾ سپر ٽيڪس به شامل آهي. ٽيڪس جي لاڳو کي يقيني بڻائڻ لاءِ رهائشي شخص کي پابند ڪرڻ جي معيار ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، صاحب حيثيت ماڻهو پاران موجوده سسٽم جو ناجائز استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت هو ڪنهن به ملڪ جو ٽيڪس ريزيڊنٽ نه آهي، تنهن ڪري تجويز آه?? ته پاڪستان جو ڪوبه شهري جيڪو ڪنهن ٻي ملڪ جو ٽيڪس ريزيڊنٽ نه آهي ان تي پاڪستان جو ٽيڪس ريزيڊنٽ سمجهيو ويندو، هن چيو ته ڪريڊٽ، ڊيبٽ ۽ پري پيڊ ڪارڊن جي ??ريعي پاڪستان کان ٻاهر رقم موڪليندڙ فائلرز جي لاءِ هڪ سيڪڙو ۽ نان فائلرز ماڻهن کان ٻه سيڪڙو جي ??رح کان ايڊوانس ود هولڊنگ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اهو ٽيڪس واجب ادا ٽيڪس جي ??لاف ايڊجسٽ ايبل هوندو، ان ڊائريڪٽ ٽيڪس جي وصولي۾، ان لينڊ روينيو، ايف بي آر جي مجموعي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ صحتمند اضافو ڪيو آهي، مالياتي خساري کي پورو ڪرڻ جي ??رورت کي نظر ۾ رکندي اهو ضروري آه?? ته حڪومت وسيع تر قومي مفاد ۾ سخت فيصلا ڪري ۽ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت عملي طور تي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آه?? ته هو اهڙا فيصلا وٺڻ جي ??لاحيت ۽ ارادو رکي ٿي. سيلز ٽيڪس روينيو اصل ۾ قومي اوڳاڙين ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکندو آهي، پر وزيراعظم جي ويزن موجب موجوده بجيٽ جي ??جويزن جو مقصد ان شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ آهي، جيڪي يا ته ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر رهجي ويا آهن يا دائري ڪار ۾ رهندي پنهنجي ??صل صلاحيت موجب ٽيڪس ادا نه ڪري رهيا آهن. جت?? حڪومت وزيراعظم پاڪستان جي ويزن موجب ٽيڪس بيس کي وسيع ڪري ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙ شعبن تي ڌيان ڏئي اوڳاڙين ۾ اضافو ڪرڻ چاهي ٿي، اتي ئ?? حڪومت ٽيڪسن ۾ رليف کي به وڌائڻ چاهي ٿ?? ته جيئن ملڪ ۾ عام ماڻهو کي فائدو پهچي سگهي، پاڪستان توانائي جي ??ديد کوٽ جو شڪار آهي، تيل جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن جنهن جي ڪري ٿرمل انرجي مهانگي آهي، تنهن ڪري سولر پينلز جي ??رآمد ۽ مقامي سپلائي کي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز آهي، ان کانسواءِ 200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي سولر سسٽم جي ??ريداري تي بئنڪن کان آسان قسطن تي قرض ڏياريا ويندا، ان سان ماحول دوست طريقي سان بجلي پيدا ڪرڻ تي فروغ حاصل ٿيندو ۽ درآمد ٿيندڙ مهانگي تيل ۽ گئس جي ??ستعمال ۾ گهٽتائي واقعي ٿيندي، زراعت کي آسان بڻائڻ لاءِ ٽريڪٽرن، زرعي اوزارن، ڪڻڪ، مڪئي، ڪينولا، سورج مکي ۽ چانورن سميت مختلف جنسن جي ٻجن جي ??پلائي تي سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ جي ??جويز آهي، ن??ڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته خيراتي اسپتالون صحت جي ??هولتن جي فراهمي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، خيراتي اسپتالن کي درآمد، عطين ۽ 50 يا ان کان وڌيڪ بسترن واري خيراتي، غير منافعي بخش اسپتالن کي بجلي سميت مقامي سپلائيز تي مڪمل ڇوٽ ڏيڻ جي ??جويز آهي، ٽيڪس پيئرز کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ الٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزوليشن جي ميڪنيزم جي ??ندر بنيادي تبديليون تجويز آهن، جنهن موجب هاڻي ٽيڪس پيئر جنهن تي 10 ڪروڙ يا وڌيڪ جي ٽيڪس ڊمانڊ هجي ??هي اي ڊي آر سي مان فائدو وٺي سگهن ٿا، ن??ين ميڪنيزم تحت ٽيڪس ڏيندڙ اي ڊي آر سي ۾ پنهنجو نمائندو پنهنجي مرضي سان نامزد ڪري سگهي ٿو، ٻيو نمائندو ايف بي آر جو آفيسر ۽ ٽيون نمائندو ٽيڪس پيئر ۽ ايف بي آر جي گڏيل رضامندي سان نامزد ڪيو ويندو، ان ميڪنزم جي ڪري ٽن مان ٻه ميمبر ٽيڪس ڏيندڙ جي مرضي سان نامزد ٿيندا، نه رڳو قانون ۽ حقيقتن جي ??والي سان سوال به ڪميٽي ۾ آڻي سگهجن ٿا ۽ فيصلو اتفاق راءِ بدران اڪثريت راءِ سان ٿيندو، تنهن ڪري آئون سڀني اهڙن ٽيڪس ڏيندڙن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو ان سهولت مان ڀرپور فائدو وٺن، آئون سڀني ڪاروباري ماڻهن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو عدالت کان پنهنجا ڪيس واپس وٺن ته حڪومت فوري طور تي انهن سان گڏ اي ڊي آر سي جي ??ريعي معاملا طئي ڪري وٺندي، ان طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ سان عدالتن تي بار گهٽ ٿيندو ۽ عوام کي سهولت ميسر ايندي. هن چيو ته ان بجيٽ ۾ زراعت بابت فارم ميڪانائزيشن ۽ لاجسٽڪس لاءِ ڪيترائي امدادي قدم کنيا ويا آهن، زرعي شعبي ۽ ملڪ ۾ موجوده آبادگارن ڀائرن کي رليف ڏيڻ لاءِ زرعي مشينري تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، جنهن سان آبپاشي، پاڻي جي نيڪاسي، پوکي، فصلن جي ڪٽائي ۽ ان جي پروسيسنگ، گرين هائوس فارمنگ ۽ ٻوٽن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اوزار وغيره شامل آهن ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين زرعي شعبن جي ??از ۽ سامان، مشينري ۽ زرعي شعبي تي قائم صنعتن لاءِ به ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي، ملڪ ۾ صنعتي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مختلف مينوفيڪچرنگ سيڪٽر بابت تقريبن 400 ٽيرف هيڊنگز تي ڪسٽمز ديوٽي، اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگوليٽري ڊيوٽي کي ريشنلائيز ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ ريگوليٽري ڊيوٽي نظام جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي شين تي ريگوليٽري ڊيوٽي کي يا ته ختم ڪيو ويو آهي يا ته گهٽ ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اهو ٻڌائڻ به ضروري آه?? ته ڪيترن ئي معاملن ۾ ريگوليٽري ڊيوٽي ان لاءِ لڳائي وئي آه?? ته مقامي صنعتن کي تحفظ ڏنو وڃي، جيتوڻيڪ ٽيڪسٽائيل جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿو، تنهن ڪري ان تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو آهي ان لاءِ ان شعبي جي پراڻي مطالبي کي پورو ڪندي مصنوعي داڳي تي ٽيرف جو ڍانچو ريشنلائيز ڪيوويو آهي، فارما سيوٽيڪل سيڪٽر جي ??ساسيت کي نظر ۾ رکندي 30 کان وڌيڪ ايڪٽو فارما سيوٽيڪل انگريڊينٽس کي ڪسٽم ڊيوٽي کان مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي، ان کانسواءِ فرسٽ ايڊ بينڊيجز ٺاهڻ واري صنعت جي ??ام مال کي به ڪسٽم ڊيوٽي کان وڌيڪ ڇوٽ ڏني وئي آهي، جيتوڻيڪ ان اهم ميڊيڪل ايٽم جي مقامي سطح تي پيداوار جي لاڳت وڌيڪ گهٽ ٿي سگهي، ان کانسواءِ ڪيترن ئي ٻين شعبن ۾ ٽيرف کان ڇوٽ ۽ رعايت ڏني وئي آهي. ڄاڻايل تجويزون اصل ملڪي معيشت کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ، ملڪ ۾ هڪ شفاف ۽ موثر ٽيڪس نظام لاڳو ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۾ آساني ۽ هر ممڪن سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن تي عملدرآمد جي ??ريع?? حڪومت جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ جي ??مل ۾ يقينن مدد ملندي، ملڪ ۾ ٽيڪس ايويشن جو ڪاٿو 3 هزار روپيا آهي، ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ هڪ جامع پروگرام جوڙيو پيو وڃي جنهن جي ??ريعي چڱي خاصي وصولي ٿيندي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ هن وقت شديد مالي بحران جو شڪار آهي، پر پوءِ به اسان کي سرڪاري ملازمن جي مشڪلاتن جو احساس آهي، قيمتن ۾ اضافي جي ڪري ماڻهن جي ??ريداري واري قوت تمام گهڻي متاثر آهي، خاص طور تي پگهار واري طبقي جي پر ان شديد مالي مشڪلاتن ۽ وسيلن جي گهٽتائي جي ??اوجود سرڪاري ملازمن جي لاءِ رليف وارا قدم کنيا پيا وڃن، خاص طور تي سرڪاري ملازمن جي ??ريداري واري قوت بهتر بڻائڻ لاءِ پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي، سڀ ڄاڻن ٿا ته ملڪي معيشت سخت دٻاءُ ۾ آهي پر اهو به سڀن ڄاڻن ٿا ته اسان سدائين قوم جي ??دمت کي پنهنجي ??رجيح سمجهيو آهي، ان ڪن مان نڪرڻ لاءِ عوام جا نمائندا اتحاد?? حڪومت ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪندي، اسان توهان سان واعدو ڪريون ٿا ته عوام جي پرزور حمايت ۽ الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت کي ان بحران مان ڪڍنداسين، آخر ۾ منهنجي ??ڄي قوم کي اپيل آه?? ته ملڪ هن وقت جن حالتن جي ور چڙهيل آهي ان جي ??صلاح لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ??ڄي توانائي ۽ ڌيان ملڪي ترقي تي ڏيڻ گهرجي، اسان کي هم آهنگي ۽ ڀرپور جذبي سان ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ ثابت ڪرڻو پوندو ته اسان هڪ زنده قوم آهيون.
وفاقي حڪومت پاران مالي سال 23 – 2022ع جي 9 هزار 500 ارب رپين جي ماپي واري وفاقي بجيٽ پيش، اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 4100 ارب رپيا ملندا، سرڪاري ملازمن کي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏيڻ ۽ اڳوڻا ايڊهاڪ ريليف بنيادي پگهارن ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II