لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان برطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معامل?? ۽ ??فاعي ڪميٽين جي سربراهن لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي هائوس آف ڪامنز پرڏيهي معاملن بابت سليڪٽ ڪميٽي جو سربراهه ٽام ٽگن ڊاٽ ۽ ڊفينس ڪميٽي جو سربراهه ٽوبياس ايلووڊ ڪري رهيا هئا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته افغانستان جي حوالي سان پاڪستا?? ۽ ??رطانيا جي سوچ ۾ هم آهنگي آهي، ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ چاهين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏ??و وڃي ۽ عالمي برادري کي افغانين کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ اڳتي و??ڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام سان افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا ڪَر کڻندا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن، بدتري?? گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڀارتي قابض فوج جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارتي آفيسرن جي جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، اسان آٺوس ثبوت دنيا آڏو رکي ڇڏيا آهن ته جيئن اها پاڻ انهن حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي. ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وجهندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رطانيا ويجها دوست ۽ پراڻا حصيدار آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪ برطانيا اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي و??ا??و وڃي ۽ لاڳاپن کي اڳئين درجي تائين وڌا??و وڃي. پرڏيهي وزير پاڪستا?? ۽ ??رطانيا جي و?? ۾ گڏيل لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم ۽ فعال بڻائڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي خدمتن کي بهتر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان برطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪميٽين جي سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا