ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي اي ايف ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جو ا??تتاح ڪري ڇڏيو آهي، سندس آمد تي ايئر مارشل عامر مسعود، ڊپٽي چيف آف دي ايئر اسٽاف (ٽريننگ) پاڪستان ايئر ف??رس سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن جي ڪري هو م??صوبو رڪارڊ مدي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي معيار موجب پڄاڻي تي پهتو. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ دنيا ان ڳالهه جي گواه آهي ته اسان ڀارتي پائليٽ کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي واپس موڪليو. پاڪ فضائيه جي پيشي??را??ي مهارت کي ساراهيندي هن چيو ته 27 فيبروري 2019ع کانپوءِ پوري دنيا پي اي ايف جي پيشي??را??ي صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڏٺو، صدر اداري جي مختلف شعبن جو دورو به ڪيو ۽ اتي موجود استادن ۽ عملي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس