اسلام آباد – 06 R11; جنوري (اي پي پي) سي??يٽ هائوس ڪميٽي جو اجلاس سي??يٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، جنهن ۾ گذريل اجلاس ۾ ڏنل سفارشن تي عملدرآمد، پارليامينٽ جي لاجز جي روزمره جي تعمير ۽ مرمت ۽ اضافي بلاڪن جي حوالي سان سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ادارن تفصيلي بريفنگ ڏني. سي??يٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ لاجز جي اضافي بلاڪ جي تعمير ۾ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ سڀئي ادارا گڏيل رابطاڪاري جي ذريعي مسئلن کي حل ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اضافي بلاڪس ۾ انتظام?? سطح تي مسئلا پيدا نه ٿيندا ۽ سڀني سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪجهه ڪميٽي جي ميمبرن سي ڊي اي عملدارن پاران پارليامينٽ لاجز جي تعمير ۽ مرمت تي دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ مقرر سي ڊي اي جي عملي کي بار بار مسئلن جي حل لاءِ چيو ويو پر اڃا تائين مسئلا جيئن جو تيئن آهن ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.
سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ سينيٽ هائوس ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ