اسلام ??باد – 11 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس با??ت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 65 ماڻهو فوت ٿيا، هڪ ڏينهن ۾ 23 هزار 569 ٽيسٽ ??يا ويا، هڪ لک 53 هزار 134 ماڻهو ڪورونا وائ??س کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي لي??ر تي نه آهي. سڄي ملڪ ۾ 394 ڪورونا مريض وينٽي لي??رز تي آهن جڏهن ته ڪورونا مريضن جي لاءِ 1568 وينٽي لي??رز رکيا ويا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 2 لک 46 هزار 351 تصديق ٿيل ڪيسز آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1532، بلوچستان جا 11 هزار 128، گلگت بلتستان جا 1630، اسلام ??باد جا 13 هزار 927، خيبرپختونخواهه جا 29 هزار 775، پنجاب جا 85 هزار 991 ۽ سنڌ جا هڪ لک 23 هزار 68 ڪيسز شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان هيستائين 5 هزار 123 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 15 لک 38 هزار 427 ڪورونا ٽيسٽ ??يا ويا آهن. ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 4254 مريض علاج هيٺ آهن.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa