اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ??ڪومت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف تفصيلي فيصلي ۾ موت جي صورت ۾ کيس ٽن ڏينهن تائين عوامي جاءِ تي لٽڪائڻ جي پيرا کي ملڪي ۽ شرعي قانونن ۽ عالمي انساني قانونن جي خلاف قرار ڏيندي خا?? عدالت جو فيصلو لکندڙ جج جسٽس سيٺ وقار جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڏنل سزا جي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت طرفان اعليٰ عدليه کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل جج کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي، ان اهم معاملي تي وفاقي ??ڪومت کي شديد خدشا آهن، پيرا 66 تي ٻن ججن اختلاف ته ڪيو پوءِ اتفاق راءِ ڪٿي هو؟ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خا?? مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ وزيراعظم جو احتساب بابت خا?? مددگار شهزاد اڪبر گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
وفاقي حڪومت پاران جسٽس سيٺ وقار خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ