اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ان عزم کي ورجايو آهي ته عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت جاري رکندا، سي پيڪ منصوبو چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ ويزن جو عڪاس آهي جڏهن ته پرڏيهي وز??ر شاهه ??حمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان پرعز?? آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. پاڪستان جي دوري تي آيل چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر شاهه ??حمود قريشي سندس استقبال ڪيو. ٻنهي هم منصبن جي وچ ۾ ملاقات به ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس