اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزارت عظ??يٰ جي ڪرسي جي حوس عمران خان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، وفاق ته ڇا 2018ع ۾ خيبرپختونخواهه جا ماڻهو به کيس سندس نااهلي، انتشاري ۽ فسادي سياست جي ڪري رد ڪري ڇڏيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته توهان خيبرپختونخواهه جي اسڪولن ۾ هڪ به نئون ڪلاس روم ٺهيل ڏيکاريو، عمران خان صاحب خيبرپختونخواهه ۾ 25 لک کان وڌيڪ اسڪولن کان ٻاهر ٻار توهان جي راهه ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ 3000 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ واش روم نه آهن، 10 هزار اسڪول بجل?? کانسواءِ آهن، 7 هزار کان وڌيڪ اسڪولن ۾ ٻار پيئڻ جي صاف پاڻ?? کان محروم آهن.
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena