اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون ??سين چيو آهي ته پاڪستان جو قيام هڪ جمهوري ??دو??هد جي نتيجي ۾ عمل ۾ آيو، ان جي بقاءُ ۽ ترقي به جمهوريت ئي سان لاڳاپيل آهي، مون کي يقين آهي ته پارليامينٽ، عوام ۽ سمورا ادارا ان مقصد جي لاءِ هم آهنگي سان ڪم ڪندا، هن اها ڳالهه يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر يوم پاڪستان جي پرُمسرت موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته هي ڏينهن هر سال اسان کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي انهن نظرين، اصولن، پا?? مقصدن ۽ اتحاد جي ياد ڏياري ٿو جنهن جي ڪري هو پنهنجي خواب جي تعبير ۾ ڪامياب ٿيا. هن چيو ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجي تهذيب، روايتن ۽ ??قا??تي قدرن جي مطابق زندگي گذارڻ جي لاءِ هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪرڻ جي اڻٽر عزم جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس