ڪراچي – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تعليم جو ??رو?? پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ملڪ ?? تعليم جي ??رو?? لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ سڀني استادن ۽ شخصيتن کي سلام پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 22 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ سڄ?? قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو ۽ چئلينج آهي. هن زور ڏنو ته دنيا سان گڏ بيهڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن کي رڳو تعليم نه پر معياري تعليم جي ضرورت آهي. چيئ??مي?? بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي جنگي بنيادن تي ختم ڪرڻو پوندو ۽ قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي علم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. پيپلزپارٽي جي چيئ??مي?? چيو ته سندس پارٽي سدائين ت??ليم جي شعبي ۽ تربيت کي پنهنجي اولين ت??جيحن ۾ شامل رکيو آهي. هن چيو ته پارٽي جي باني چيئ??مي?? قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وزيراعظم جي حيثيت سان ملڪ ?? تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي حڪومت به ملڪ ?? سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ٺاهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين سڀني ٻارن کي هڪ جهڙي تعليمي سهولتن ت??ئين پهچ انهن جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته سڀني ٻارن ۽ نوجوانن کي بنا ڪنهن فرق جي معياري تعليم جي فراهمي پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان رڳو معياري ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس تعليم جي نظام جي ذريعي ئي پاڪستان کي ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهاري سگهون ٿا.
تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری