اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي العربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وز??را??ظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وز??را??ظم تسلسل سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ??مون ۽ ڪشمير جو بنيادي مسئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وز??را??ظم ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ تي ??يو آهي ته ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جيستائ??ن ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني قدم کي واپس نه ٿو وٺي، ان غيرقانوني قدم کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ممڪن نه آهي. وز??را??ظم آفيس پاران جاري وضاحتي بيان موجب ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته وز??را??ظم پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو موقف بلڪل واضح ڪيو.
وزيراعظم تسلسل سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي مسئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2