اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 ڏينهن جي اندر ??گري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان بيت المال جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پري?? ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??اڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي مارڪ شيٽ ۽ ڊگري روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن يونيورسٽي کي 15 ڏينهن جي اندر شاگرد کي ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر پاڪستان بيت المال کي متاثر شاگرد جي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. شاگرد کي وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پاڪستان بيت المال جي وچ ۾ ضابطي جي ڪارروائي ۾ دير جي ڪري مارڪ شيٽُون ۽ ڊگري نه پئي ڏنيُون ويُون. صدر ??يو ته ليٽ فيس جي ادائيگي جي معاملي کي حل ڪرڻ بدران يونيورسٽي غيرمنصفاڻي ط??ر تي شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪيون، پاڪستان بيت المال پاران فيس سڌوسنئون يونيورسٽي کي ادا ڪئي ويندي هئي، ادائيگي ۾ شاگرد جو ڪو عمل دخل نه هو. صدر ??يو ته يونيورسٽي کي چڱي ريت معلوم هو ته شاگرد احساس اسڪالرشپ پروگرام تحت تعليم حاصل ڪري رهيو هو، شاگرد عبادالرحمان (شڪايت ڪندڙ) بي بي اي جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي هئي. يونيورسٽي 122500 رپين ??ي رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري ڊگري روڪي هئي. وفاقي محتسب شاگرد جي حق ۾ فيصلو ڪندي بيت المال کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بيت المال فيصلي جي خلاف صدر ??ي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو.
صدر پاران وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável