نصير آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نصيرآباد جي دوري سميت ڊيره مراد جمالي ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. صدر کي ضلعي انتظاميا پاران ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ بلوچستان کي وڏي پئماني تي متاثر ڪيو آهي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. عارف علوي چيو ته بلوچستان جي ٻوڏ سٽي??ن جي بحالي لاءِ امدادي سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ۽ انهن جي جلد بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير ۽ نقصان جي جلد ازالي جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان ?? ٻوڏ متاثرين کي راشن پيڪجز جي سخت ضرورت آهي، سرندي وارا، فلاحي ادارا، حڪومتي ۽ ٻيا هلال احمر جي ذريعي عطيا ڏين. صدر چيو ته عالمي برادري ۽ هڪومت فراخدلي سان بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري، مستقبل ۾ ٻوڏ جي تباهين کان پاڻ کي بچائڻ، نقصان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان ?? ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ ڊيمز جي تعمير ضروري آهي، برسات جي پاڻي کي محفوظ ڪري مستقبل ۾ زرعي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، موسمياتي تبديلين جي ڪري غيرمتوقع برساتن، ٻوڏ ۽ ڏڪار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. صدر چيو ته بلوچستان ?? تمام گهڻيون برساتون ٿيون جڏهن ته ٻوڏ واري ريلي سان سخت نقصان پهتو، پٽ فيڊر ??ين??ل ۾ گهاري سان هيٺانهين وارن علائقن جي رهواسين، چوپائي مالي ۽ فصلن کي به سخت نقصان پهتو، جن خاندانن جو جاني نقصان ٿيو انهن کي حڪومت پاران وقت سر مالي امداد ادا ڪرڻ خوش آئنده آهي، بلوچستان ?? مڪمل طو?? تي تباهه ٿيل گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ في گهر 5 لک رپيا ڏيڻ سان گهرن جي ٻيهر تعمير ۾ مدد ملندي. صدر ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران ريليف جي اعلان کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرين جي گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ پئڪيج خوش آئنده قرار ڏنو ۽ چيو ته بلوچستان حڪومت، عوام ۽ فوج ٻوڏ سٽي??ن جي وقت سر مدد ڪرڻ تي ساراهه جي مستحق آهي. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ?? 34 مان 32 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، جزوي طو?? تي تباهه ٿيندڙ گهرن جي تعمير جي لاءِ 2 لک رپيا في گهر ڏنا ويندا. نصيرآباد ضلعي ۾ هيستائين 4 هزار کان وڌيڪ راشن بيگ ۽ 2100 ٽينٽ ورهايا ويا آهن.
صدر پاران نصيرآباد ۽ ڊيره مراد جمالي ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں