اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان کان آءِ ٽي روانگي و??پار ۾ اضافي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ملڪ ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، ان سان ملاڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني و??پارين جي تنظيم سيليڪون ويلي ڪيليفورنيا جي صدر جنيد ق??يشي سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم ??ور??گزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ انڊسٽري ۽ پاڪستان ۾ آءِ ٽي/ آءِ ٽي اي ايس سيڪٽر جي اهميت ۽ ان کي 2.5 بلين ڊالر کان وڌائي 15 بلين ڊالر جي صنعت بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ملاقات ۾ سيليڪون ويلي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اهميت تي به روشني وڌي و??ي. وزيراعظم پاڪستان ۾ آءِ ٽي روانگي و??پار ۾ اضافي ۾ پاڪستان جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن جنيد ق??يشي جي به حوصلا افزائي ڪئي ته هو پاڪستان ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ ۾ حصو وجهي. جنيد ق??يشي ”ٽيڪ ڊسٽينيشن پاڪستان“ جي عالمي مهم کي به بحث هيٺ آندو ۽ ٻڌايو ته حڪومت جي لاءِ اهو ڪيترو ضروري آهي ته هو مارڪيٽنگ مهم ۾ سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري ته جيئن عالمي سطح تي نمايان مقام حاصل ڪيو وڃي. جنيد ق??يشي و??يراعظم کي سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي دوري دوران سيليڪون ويلي جو دورو ڪرڻ ۽ سيليڪون ويلي جي مشهور ترين ٽيڪ ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جي ”ٽيڪ ڊسٽينييشن پاڪستان“ جي طور تي پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ آءِ ٽي پاليسين ۾ بهتري لاءِ تجويزون به عور هيٺ آيون، جن کي اختيار ڪرڻ سان ملڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي ترقي کي وڌيڪ سگهه ملي سگهي ٿي. ملاقات ۾ مائيڪرو ڊگرين ۽ مختص سرٽيفڪيٽ جي اهميت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي ۽ ٻڌايو ويو ته اهي نوجوانن کي آءِ ٽي انڊسٽري ۾ ڀرتي ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ ڪيترا فائديمند ٿي سگهن ٿا.
وزيراعظم پاران پاڪستان کان آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین