اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ اڄ رات خوست رواني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي موڪليو ويندڙ امدادي سامان خوست ۾ افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات روانو ڪيو پيو وڃي. افغانستان موڪليو ويندڙ سامان ۾ تنبو، ٿُلهي??ون چاڌرُون، ڪمبل ۽ دوائون شا??ل آهن. امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪن جو قافلو غلام خان ڪالي زنگ رستي کان خوست پهچندو، جتي اهو امدادي سامان ا??غان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزات، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن ا??دادي سامان جي روانگي ۽ افغان عملدارن کي حوالگي جي عمل ۾ حصيدار عمل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان پاران ا??ساني همدردي جي جذبي تحت امدادي ساامان موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي.
وزيراعظم جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ اڄ رات خوست رواني ٿيندي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ