اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪست??ن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ مرڪزي پارلياماني بورڊ جو اجلاس هتي منعقد ٿيو. پي ٽي آءِ ??ي مرڪزي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي تحليل کانپوءِ ??يندڙ چونڊن لاءِ ??ميدوارن جي تعين ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سا?? معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صوبائي صدرن کي درخواستن جي وصولي جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف وفاقِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ترين پارٽي آهي، تحريڪ انصاف جو ووٽ بئنڪ نهايت تيزي سا?? وڌي رهيو آهي، ڪارڪن چونڊن جي تياري ڪن، هن چيو ته بهترين اميدوار ميدان ۾ لاهينداسين ۽ ڀرپور طريقي سا?? اقتدار ۾ واپس اينداسين.
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena