اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز ش??يف جي جعلي ميڊيڪل رپ??رٽ پاڪستان جي قانوني نظام جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، شريف فيملي جعلي ميڊيڪل رپ??رٽس موڪلڻ جو سلسلو بند ڪري، نواز ش??يف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي مانهن کي پئسا واپس ڪري. اها ڳالهه هن نواز ش??يف جي ميڊيڪل رپ??رٽ جي ??وا??ي سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته نواز ش??يف جي ??وا??ي سان هڪ دلچسپ ميڊيڪل رپ??رٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ان رپ??رٽ ۾ واشنگٽن ۾ رهندڙ ڊاڪٽر شال لنڊن ۾ رهندڙ نواز ش??يف جي باري ۾ لکيو آهي ته هو دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ڪووڊ 19 جي ڪري نواز ش??يف جي حالت اهڙي نه آهي ته هو پاڪستان جو سفر ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز ش??يف پاران آمريڪا ۾ ويهي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان ميڊيڪل رپ??رٽون تيار ڪرائي پاڪستان موڪلڻ پاڪستان جي عدالتي نظام ۽ قانونن جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته نواز ش??يف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪري، ان کانپوءِ هو لنڊن ۾ رهي، جعلي رپ??رٽون موڪلڻ سان ان جو مقصد پورو نه ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته رپ??رٽ ۾ صرف اها ئي کوٽ آهي ته نواز ش??يف کي هائيڊپارڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه آهي، ان سان ان جي اسٽريس ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته شريف فيملي جعلي رپ??رٽس تيار ڪرائي پاڪستان موڪلڻ کان پاسو ڪري، شريف فيملي قانوني رستو اختيار ڪري ۽ پاڪستان جي ماڻهن جو پئسو واپس ڪري. هن چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عدليه اهڙين جعلي رپ??رٽس جو سختي سان نوٽ??س وٺندي ۽ وقار بحال ڪندي.
نواز شريف جي جعلي ميڊيڪل رپورٽ پاڪستان جي قانوني نظام جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن