اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم ??ي بين المذاهب هم آهنگي جي خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ رح??ت العالمينﷺاٿارٽي جي قيام، مسلمان امت کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته وزيراعظم جو سيرت رح??ت العالم??ن ?? اٿارٽي جي قيام ۽ عشره رح??ت العالم??ن ?? ملهائڻ جو اعلان ا??ته??ئي خوش آئنده قدم آهي، عشره رح??ت العالم??ن ?? ملهائڻ وزيراعظم عمران خان جو خاتم النبي??ن ?? سان والهاڻي عقيدت جو اظهار آهي. هن چيو ته اولهه ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، سيرت النبي ﷺ تي ??مل پيرا ٿي مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن تي ضآبطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته هڪ پرامن اسلامي معاشري کي جوڙڻ لاءِ نوجوانن کي سيرت النبي ﷺ کان آگاهي ضروري آهي، حافظ طاهر اشرفي چيو ته رح??ت العالم??ن ?? اٿارٽي جو قيام ۽ عشره رح??ت العالم??ن ?? ملهائڻ جي قدم جو ملڪ جي اندر ۽ ملڪ جي ٻاهر آجيان ڪئي وئي آهي. نومبر جي پهرين هفتي ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، طاهر اشرفي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ربيع الاول جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنسن جو انعقاد ڪيو ويندو.
اسد قيصر سان حافظ طاهر محمود اشرفي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت