اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڀڳوڙن ۽ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهن جا ترجمان ڪوڙ جي مقابلي ۾ هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهن، قومي خزاني کي بي دردي سان لٽڻ، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس انهن جو شيوو آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت جي دور ۾ ٽي ڀيرا ملڪ ??يوالي ٿيڻ جي چائنٺ تي پهتو، ٻاهرين ملڪ قرضن جو بنياد ??ه ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي رکيو، هميشه چور رستي تان اقتدار جي عادت، ٺپا لڳائڻ، ٺپا چوري ڪرڻ ۽ چونڊ عملي کي اغوا ڪرڻ و??رن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام ڀائين نٿو پوي. مريم اورنگزيب ۽ شيري رحمان جي بيانن تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ ف??رن فنڊنگ ڪيس ۾ 40 هزار ڊونرز جي ڊيٽا ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، پنجن سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي ف??رن اڪائونٽس تائين پهچ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي، قوي امڪان آهي ته انهن ٻنهي پارٽين پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو هوندو ان لاءِ اسان کي پهچ نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پي ايم ڊي اي تي سڀني لاڳاپيل ڌرين جا خدشا ختم ڪنداسين، ماضي ۾ بنا ڪنهن مشاورت جي رات پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو بنياد ??کيو آهي.
ڀڳوڙن جا ترجمان ڪوڙ جي مقابلي ۾ هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ