اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته پي ڊي ايم جي سياسي خودغرضي جو هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته هو هر احتجاج ۾ پنهنجو جهنڊو کڻي پهچي وڃن ٿا، اڄ حڪومت جن مشڪلاتن ۽ مسئلن جو شڪار آهي ان جي ذميوار مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي آهي، انهن ٻنهي پارٽين ملڪي وسيلن کي بيدردي سان ڦريو ۽ پنهنجا اثاثا ٺاهيندا رهيا، ملڪي مفاد جي بيانيي کي ترويج ڏيڻ لاءِ ٻين شعبن وانگر ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي، حڪومت مهانگائي تي ضآبطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي رهي آهي. هو نيشنل پريس ??لب ۾ دير بالا پريس ??لب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه دير بالا پريس ??لب جي عهديدارن جا ٿورا مڃان ٿو جو اهي اسلام آباد آيا آهن، دير بالا پريس ??لب جو نيشنل پريس ??لب سان ويجهو رابطو سٺي ڳالهه آهي، جنهن سان پيشيوراڻيون صلاحيتون بهتر ٿينديون، هن دير بالا پريس ??لب جي عهديدارن کي خاطري ڪرائي ته جلد دير بالا پريس ??لب جو دورو ڪندس، هن چيو ??ه صحافي پنهنجي مقامي، علائقائي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي بيانيد کي ترويج ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي اڪثر اجلاسن ۾ سرڪاري ملازمن جو ذڪر ڪندو رهيو ??هي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي ڪابينا ڪميٽي به قائم آهي، جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شيخ رشيد، حفيظ شيخ شامل آهن، اها ڪميٽي ملازمن سان ڳالهائي رهي آهي، احتجاج ڪندڙ مطئمن ٿي ويندا. هن چيو ??ه اڄ جي مسئلن جو بنيادي سبب اڳوڻين حڪومتن جي نااهلي ۽ منصوبابندي جي کوٽ آهي.
پي ڊي ايم جي سياسي خودغرضي جو هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته هو هر احتجاج ۾ پنهنجو جهنڊو کڻي پهچي وڃن ٿا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado