اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا کي شگر انڪوائري رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ مست??بل جي حڪمت عملي ۽ لاڳاپيل ادارن پاران وڌيڪ ڪارروائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران شگر انڪوائري جو مقصد انهن سببن ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ هو جن جي ڪري کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ عوام تي غيرضروري بار وڌو ويو. هن چيو ته انڪوائري جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ سمورين حقيقتن جي روشني ۾ نظام ۾ م??جو?? ڪو??اهين ج?? درستگي ۽ سڌارن جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ سامهون ايندڙ حقيقتن جو جائزو وٺڻ لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا مختلف رخن کان رپورٽ جو جائزو وٺندي ۽ م??جو??ه نظام بشمول ريگيوليٽرز جي موثر ڪردار جي حوالي سان ٺ??س سڌارن جي لاءِ سفارشون جوڙيندي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته مست??بل ۾ عوام کي استحصال ۽ غيرضروري قيمتن ۾ اضافي جي بار کان محفوظ رکي سگهجي. ڪابينا کي صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي ۽ مست??بل ۾ طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت