اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اقتصادي لنگهه کي ڪامياب بڻائڻ جي ڏس ۾ خطي جي ملڪن جي وچ ۾ آسان رابطن جي لاءِ ??ئين لساني تجربن جي ضرورت هوندي جنهن جي لاءِ اردو زبان بهترين بنياد فراهم ڪري ٿي. اها ڳالهه هن نيشن?? يونيورسٽي آف ما??رن لينگويجز جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري کي فعال بنائڻ کانپوءِ ??اڪستان ۾ غير ملڪي واپارين، صنعتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان ??اڳاپيل ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ آمدرفت جو سلسلو شروع ٿئي ته ٻولي جا مسئلا گڏيل رابطن ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهن، انهي سوچ کي نظر ۾ رکندي ايوان صدر جي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري نمل کي هڪ موچاري رقم عطئي طور پيش ڪئي هئي ته جيئن گوادر ۾ ان ??ونيورسٽي جو ڪيمپس قائم ڪري اتي جي نوجوانن کي چيني ٻولي سيکاري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان