گڏيل قومون-15 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن کي ٻڌايو آهي ته غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي بند ڪرڻ لاءِ اسرائيلي قانونسازي لکين فلسطينين کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيندي، عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اهم لائف لائن يو اين آر ڊبليو اي جي ڀرپور حمايت ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن ۾ فرسٽ سيڪريٽري انصر شاهه گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي جي پوليٽيڪل اينڊ ڊي ڪالونائيزيشن بابت چوٿين ڪميٽي ۾ بحث دوران چيو ته اسرائيل طرفان يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين کان روڪڻ گهرجي ۽ اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ٺوس قد?? کڻڻ گهرجن ته يو اين آر ڊبليو اي فعال رهي ۽ پنهنجي مينڊيٽ موجب انساني همدردي جي ڪمن کي سرانجام ڏي. پاڪستاني نمائيندي انصر شاهه چيو ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام جي اميد ۽ وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ انصاف، انساني حقن، بين الاقوا??ي قانون جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان يو اين آر ڊبليو اي جي امدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪئي. پاڪستاني نمائندي لکين فلسطينين لاءِ سنگين خدشن کي اجاگر ڪيو ته اسرائيلي قد??ن سان ضروري عوامي خدمتن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ سماجي مدد ختم ٿي وينديون جن تي سندن زندگي جو دارومدار آهي. هن چيو ته غزه جي سموري آبادي کي خدشو آهي ته ان جي واحد لائف لائين ختم ڪئي ويندي. ميمبر ملڪن جي مداخلت کانسواءِ يو اين آر ڊبليو اي بند ٿي ويندو جنهن سان لکين فلسطيني افراتفري ۾ هليا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام جي پڪار جو جواب ڏيڻو پوندو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عالمي برادري چارٽر ۽ عال??ي قانونن جي پاسداري لاءِ ٺوس قد?? نه کنيا ته گڏيل قومن جي چارٽر جي بنياد تي ٺاهيل عالمي نظام تباهه ٿي سگهي ٿو. هن فلسطينن لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت ۽ ان جي خود اراديت واري حق جو ورجاءُ ڪندي چيوته عالمي برادري کي فلسطيني برادري جي اميد ۽ وقار جي بحالي لاءِ انصاف، انساني حقن ۽ عال??ي قانونن جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي.
اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين تي پابندي کان روڪڻ گهرجي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ