ت?? ابيب-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرائيل جي ميڊيا اڳڪٿي ڪئي آهصي ته اسرائيل ايران تي وڌيڪ حملا ڪري ??گهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل جي ڪابينه ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي ر??ائش تي ڪيل ڊرون حملن جي جواب ۾ ايران تي هڪ ڌار حملو ڪري ??گهجي ٿو. اسرائيل جي ڪابينه کي اهو به ٻڌايو ويو ته ايران تي ڪيل اسرائيلي حملي ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي ر??ائش تي ڊرون حملي جو ردعمل شامل نه هو ۽ ان ڊرون حملي جي ردعمل ۾ اسرائيل تي هڪ ٻيو حملي جو امڪان آهي. ان ک??ن اڳ اسرائيلي هٿياربند فوج ايران ۾ فوجي هدف تي فضائي حملا ڪيا هئا جن ۾ ميزائل سازي جي سهولتن ۽ فضائي دفاعي بيٽرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ک??ن اڳ ايران طرفان اسرائيل تي 200 جي لڳ ڀڳ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا هئا. جنهن سان 2 فضائي اڏن کي نشانو بڻايو ويو هو. واضح رهي ته لبنان جي گروپ حزب الله گذريل هفتي اسرائيل جي سامونڊي ڪناري واري ??هر قيصريه ۾ اسرائيل جي وزيراعظم جي ر??ائشگاهه تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ اسرائيل ان گروپ کي ايران جو پراڪسي فورس سمجهي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم ڊرون حملي وقت اتي موجود نه هو.
ايران تي وڌيڪ حملا ٿي سگهن ٿا: اسرائيل جي ميڊيا
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔