بيجنگ -16 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي، ته سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي. چين جي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي سعودي عرب جي هم منصب فيصل بن فرحان السعود سان اڱاري ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته چين شام ۾ ايران جي سفارتخاني تي حملي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، جيڪا عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته چين سفارتي ذريعن سان مسئلن جي حل لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿو. وانگيي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هن وقت اولين ترجيح گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي سختي سان عمل ڪرڻ، فوري طو?? تي غير مشروط ۽ جٽادار جنگبندي، شهرين کي اثرائتي طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ آهي. فلسطين جي عوام جي جائز قو??ي حقن جي تدارڪ ۾ ناڪامي ئي فلسطين اسرائيل مسئلي جي شروعات ۽ وچ اوڀر جي مسئلي جو بنيادي سبب آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته ٻه رياستي حل تي جلد عمل ڪي?? وڃي. هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، فلسطين جي عوام جي جائز قو??ي حقن کي بحال ڪي?? وڃي. فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پرامن بقا کي يقيني بڻاي?? وڃي.
سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ