اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) مسجد نبوي جو امام الشيخ ڊاڪٽر صلاح بن ??حمد البدير 7 ڏينهن جي خير سگالي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب مذهبي معاملن واري وزير چوڌري سالڪ حسي??، سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ۽ سيڪريٽري مذهبي معاملا ذوالفقار حيدر سندس هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. مسجد نبوي جو امام فيصل مسجد ۾ جمعي جي نماز جي امامت ڪندو. پاڪستان ۾ ترسڻ دوران ڊاڪٽر صلاح بن ??حمد البدير ص??ر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. ان کان علاوه سندس پاڪستاني عالمن سان ملاقات به شيڊول جو حصو ??هي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی