اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ جاري جدوجهد جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پن??نجي واعدن تي عمل ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق کي اسعتمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀارت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي. نگران پرڏيهي وزير خودمختياري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پن??نجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ هر سال خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو، 1949ع ۾ اڄ جي ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) هڪ قرارداد من??ور ڪئي هئي جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام کي خودمختياري جي حق جو موقعو ڏئي سگهجي. هن چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بن??اد?? اصول آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد من??ور ڪندي آهي جنهن ۾ ماڻهن جي ان قانوني حق جي توثيق ڪئي وڃي ٿي ته اهي پن??نجي مقدر جو فيصلو پاڻ ڪن??ا. اها قرارداد غيرملڪي قبضي جي صورت ۾ ماڻهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي واضح حمايت ڪري ٿي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪشميري عوام ان فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کي استعمال نه ڪري سگهي. جليل عباس جيلاني چيو ته ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ ڀارت پن??نجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پن??نجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ ڀارت جي ڪوششن جو مقصد آبادياتي ۽ سياسي تبديلين کي عمل ۾ آڻڻ آهي ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي پن??نجي سرزمين تي هڪ بي اختيار ڪميونٽي بڻايو وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀارت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي، ڀارت ڪشميرين کي انساني حقن جي منظم خلاف ورزين جو نشانو به بڻائي رهيو آهي، هن والاريل ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ خوف جو ماحول قائم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پن??نجي واعدن تي عمل ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق جو استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري بند ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ بن??اد?? آزادين جي بحالي جو پڻ مطالبو ڪرڻ گهرجي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جدوجهد جي پن??نجي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جاري جدوجهد جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : بونانزا