اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف م??ڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ بابت شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت قومي اسيمبلي ميمبر زهره ودود فاطمي سان ملاقات دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? زهره ودود فاطمي کيس وزيراعظم جي بااختيار عورتن بابت خصوصي قدم جاري ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. زهره ودود فاطمي وزيراعظم جي يوٿ پروگرام تحت پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ لي?? ٽاپس، وظيفن، بنا وياج قرضن ۽ انٽر پرينيورشپ جا پروگرام جاري ڪرڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. زهره ودود فاطمي وزيراعظم کي ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي (ايم ڊي ڪيٽ) شاگردن جي سمورن مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada