اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي ??ان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ انهن منصوبن جي حوالي ??ان غيرضروري دير ڪئي وئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻ??و پيو آهي، سعودي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ، قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ڊولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي ??ان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جيڪو پاڪستان جي دوري تي آهي، ان کي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌا??و ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي ??ان 48 ڪلاڪن ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن سموري ضروري ڪارروائي به مڪمل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ان حوالي ??ان اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان کي انهي جوش، جذبي ۽ نيڪ نيتي سا?? ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اسان سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن جي حوالي ??ان غيرضروري دير ڪئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻ??و پيو آهي. جڏهن ته هاڻي اسان کي انهي رفتار سا?? اڳتي وڌڻو آهي جنهن رفتار سا?? گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن جي ان گروپ ڪم ڪيو. اجلاس کي سعودي ڊولپمينٽ فنڊ جي منصوبن تي تازي اڳڀرائي جي حوالي ??ان تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت مهمند ڊيم پراجيڪٽ، جاگران – IV پراجيڪٽ، شونٽر هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ گريويٽي فلو واٽر مانسهره پراجيڪٽ جي حوالي ??ان سموري ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ معاهدن تي جلد صحيحون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پلانٽ ۽ گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي حوالي ??ان سموريون ڏکيائيون ختم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌا??و ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نيلم ويلي ??وڊ جي هڪ سيڪشن ۽ ٻن ٽنلز جي تعمير جي لاءِ پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته مالاڪنڊ ريجن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ حياسري اسپتال کي ضروري سا??ان ۽ فرنيچر جي فراهمي جي منصوبن جي حوالي ??ان پڻ سمورا مسئلا حل ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌا??و ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ايبٽ آباد جي زلزلي کان متاثر علائقن جي بحالي ??ي حوالي ??ان سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ، ايرا، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اڪائونٽنٽ جنرل آفيس جي وچ ۾ سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ترلائي، اسلام آباد ۾ شاهه سلمان اسپتال جي تعمير جي حوالي ??ان تيزي سا?? اڳڀرائي ٿي رهي آهي. وزيراعظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ديامير ڀاشا ڊيم ۾ فنڊنگ ڪرڻ جي ترغيب ڏني جنهن تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد دلچسپي جو اظهار ڪيو. 17 آڪٽوبر 2022ع تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد سا?? ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن ۾ دير تي سخت نو??يس وٺندي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته ان سلسلي ۾ سموري ضروري ڪارروائي وفد جي پاڪستان ۾ موجودگي دوران پوري ڪري هڪ تفصيلي ??پورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پرڏيهي معاملن سميت هر محاذ تي پاڪستان جو سا?? ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ سا?? ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي پاڪستان جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي آهي ۽ اسان هر طريقي سا?? سعودي عرب جي حمايت جاري رکنداسين. سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ وفد جي قيادت سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي ايشمري ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سا??ڪ حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪ??و ويو.
وزيراعظم پاران سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری