اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻوڏ س??ن ٿيندڙ تباهي جي ??دت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا جي ??مداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري تعاون جي ض??ورت آهي. پرڏيهي وزير چيئرمين مينينڊيز کي ٻوڏ س??ن ٿيندڙ تباهي جي ??ثرن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي ??باهين سان گڏوگڏ اهو انساني صحت، خوراڪ جي ??فاظت ۽ اقتصادي رخن جو هڪ مشڪل بحران آهي. هن آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين تي زور ڏنو ته هو آمريڪي ڪانگريس ۾ حمايت کي متحرڪ ڪري، جيڪا تاريخي طور تي اهڙي قسم جي قدرتي آفتن دوران پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي. سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين ٻوڏ س??ن ٿيندڙ تباهي تي پاڪستان جي ??وام ۽ حڪومت سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان کي ان چئلينج تي ض??بطو آڻڻ جي قابل بڻائڻ ۾ پنهنجي ??عاون جي ??اطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه هڪ اهم سنگ ميل آهي، ٻنهي ملڪن گڏجي ڪم ڪري تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. سينيٽر رابرٽ مينينڊيز پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ??يرقانوني قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais