اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري آرمي پبلڪ اس??ول پشاور سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پي?? ڪندي چيو آهي ته آرمي پبلڪ اس??ول پشاور جي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد ر??ند??سين جڏهن ته 16 ڊسمبر 2014ع جي ڏينهن کي ملڪ جي تاريخ جو ڪاري ڏينهن طور تي ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن آرمي پبلڪ اس??ول سانحي جي 7 هين ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي ڌار ڌار پي??امن ۾ ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر چي?? ته اي پي ايس سانحي جي واقعي ۾ 132 کان وڌيڪ ٻارن ۽ استادن جي شهادت پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو، هنن چي?? ته آرمي پبلڪ اس??ول جي ان معصوم هيروز دهشتگردي کان پاڪ ۽ تعليم يافته پاڪستان جي لاءِ قوم کي متحد هجڻ جو پي??ام ڇڏي ويا آهن. اسپيڪر چي?? ته 7 سالن کانپوءِ به اي پي ايس سانحو ناقابل برداشت درد جي موجودگي جي طور تي محسوس ٿيندو آهي. هن چي?? ته قوم کي شهيدن جي خاندانن تي فخر آهي جنهن ان عظيم صدمي کي برداشت ڪيو آهي، پوري قوم ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا