اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان پوليو جي خاتمي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تا??ين پهچندڙ پوليو ورڪرز قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز جي لاءِ انعام ڏيڻ جو پلان جوڙيو وڃي، اسان سڀني کي گڏجي پوليو جو خاتمو ڪرڻو آهي، ڪورونا جي ن??ين قسم اوميڪرون کي نظر ۾ رکندي ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پوليو جي روڪٿام جي مهم جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ??زي??اعظم جو قومي صحت وارو خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حام?? ۽ ??عليٰ عهديدار شريڪ هئا. جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونوا ۽ بلوچستان جا چيف سيڪريٽريز ۽ 30 کان وڌيڪ ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي ادارن حڪومت پاڪستان جي ڪورونا ۽ پوليو کان بچاءُ لاءِ موثر قدمن کي ساراهيو آهي. خيبرپختونخوا جي ڏکڻ ضلعن، بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا، قلعه عبدالله ۽ پشين ۽ سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ گدلي پاڻي جي ذريعي پوليو جي پکيڙ جو خطرو وڌيڪ آهي. ان موقعي تي ??زي??اعظم صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوليو ورڪرز جيڪ?? ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تا??ين پهتا آهن قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن جي لاءِ هو خصوصي تعريف جا مستحق آهن، هن هدايت ڪئي ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز لاءِ انعام ڏيڻ جو پروگرام جوڙيو وڃي. چيف سيڪريٽريز ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي پوليو جي خاتمي جي قدمن کي وڌيڪ موثر ??ڻا??و وڃي، ??زي??اعظم چيو ته گهٽ منتقلي وارا سيزن پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ موزون ترين وقت آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پوليو جو خاتمو ڪرڻو آهي، ضلعي انتظاميه پوليو ورڪرز کي هراسان ڪرڻ يا انهن جي حملن جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي ذميداري وٺي، ٻارن کي ڪيترن ئي مرضن کان بچاءُ لاءِ ٽڪن جي عمومي مهم ۽ پوليو جي خاتمي جي مهم کي گڏوگڏ هلايو وڃي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ن??ين قسم اومي ڪرون جي پيش نظر ڪورونا جي خلاف ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ وڌايو وڃي.
وزيراعظم پاران پوليو جي خاتمي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis