اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان تي اشرافيه ۽ ايليٽ گروپ قابض رهيا جنهن جي ڪري خطي ۾ اسان جو مل?? پوئتي رهجي ويو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان مٿي وڃي رهيو هو پر ان کانپو??ِ اهڙيون حڪ??متون آيون جنهن ادارن کي ذاتي مقصدن لا??ِ استعمال ڪري ملڪ ک?? نقصان پهچايو، قانون جي عملداري مل??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن هوندي آهي، قانون جي حڪ??راني ۽ انصاف کانسواءِ ڪو به مل?? ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ۾ امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون آهي، وزيراعظم عمران خان جو ڪو به ذاتي ڪاروبار ناهي، هو ملڪ ک?? ان رخ طرف وٺي وڃي رهيو آهي جنهن جو خواب 1940ع ۾ اسان جي ڏاهن ڏٺو هو، 70 سال جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، تنهن هوندي به پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال مل?? بڻائڻ جي مشن ۾ هر هڪ ک?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، مريم نواز ڪڌا حربا استعمال ڪري احتساب کان نٿي بچي سگهي، کيس گهرجي ته هو قانون جو احترام ڪري ۽ سوالن جا جواب ڏي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ک?? ماڻهو نه پر ادارا هلائيندا آهن، ماضي جي حڪ??رانن ادارن کي ذاتي مفادن لا??ِ استعمال ڪري کين ڪمزورڪيو ۽ ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اقتدار ۾ اچي عوام ۽ مڪ جي خدمت بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني جنهن جي ڪري اسان جو مل?? پوئتي هلي ويو، شبلي فراز چيو ته جنهن مل?? جو وزيراعظم ۽ وزير ڪاروبار ڪندا آهن اهو مل?? ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم عمران خان جو ڪو ذاتي ڪاروبار نه آهي، ان جي ولوله انگيز قيادت ۾ تحريڪ انصاف حڪ??مت مل?? ۾ قانون جي حڪ??راني قائم ڪرڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته اڳوڻين حڪ??متن خالي خزاني ۽ ملڪ ک?? قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويون هيون، انهن ماڻهن عوام کي صحت، تعليم جي بنيادي ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اهڙا منصوبا لڳايا جنهن مان انهن ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن حاصل ڪيا، موجوده حڪ??مت اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان هيومن ڊولپمينٽ ٿي سگهي ته جئين هر ڪو ملڪ ک?? اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي،
پاڪستان تي اشرافيه قابض رهي جنهن جي ملڪ پوئتي رهجي ويو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام