اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جو جذبو هجڻ گهرجي، پاڪستان تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي گلگت بلتستان جي عوام جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت ان علائقي جي عوام جو احساس محرومي ختم ڪرڻ ل??ءِ گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو واعدو پورو ڪ??دي?? چونڊ عمل کي منصفاڻو ۽ شفاف بڻائڻ ل??ءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرايو ??يندو، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڳجهي بيلٽ پيپر بدران هٿ مٿي کڻي ووٽ وجهڻ ل??ءِ پارليامينٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته سينٽ چونڊن جي حوالي سان بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ جي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي، هن چيو ته آئيني ترميم ل??ءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت هو??دي?? ان مان خ??ر پوندي ته ڪهڙي سياسي پارٽي ان عمل جي حمايت ڪندي ۽ بدعنواني جي روڪٿام جي مخالفت ڪ??دي?? وزيراعظم چيو ته اهو موجوده حڪومت جو پهريون اهم قدم آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جي چونڊن ۾ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪرڻ تي صوبائي اسيمبلي جي 12 مميبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو ??و، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت هن چيو ته نادرا پاران فراهم ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي نظام جوڙڻ ل??ءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جاري آهي، هن چيو ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪمپيوٽرائي??ڊ نظام سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي به آن لائين ووٽ وجهڻ ۾ آساني ٿيندي.
وزيراعظم پاران گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام رد، سياسي پارٽين ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جو جذبو هجڻ گهرجي: عمران خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات