اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر چيو آهي ته موجوده حڪومت جي پهرين 6 مهينن دوران روانگي واپار ۾ اضافو، آمدني واپار، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي آهي، مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪوم?? گردشي قرض 400 ارب روپين مان 1400 ارب روپين تائين پهچائي ڇڏيو، گذريل 10 سالن دوران واڌ جي شرح سڀ کان گهٽ رهي ۽ قرض سڀ کان وڌيڪ ورتا ويا، آخري ٻن ٽن سالن ۾ 25 ارب ڊالر جا قرض ورتا ويا، معيشت کي مستحڪم بنائڻ جي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، معاشي استحڪام جي قد??ن جا اثر عوام جي سامهون جلد اچڻ شروع ٿي ويندا، سر??اري ادارن جي نيئن سر جوڙجڪ ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ جي اجلاس جي دوران سينيٽر شيري رحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار