اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ شرپسندن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ موثر ۽ فوري آمريڪي عسڪري ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان ??نه??جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اها ئي اميد ٻين ملڪن م??ن به رکي ٿو. سينيٽ جي اجلاس دوران ڏکڻ ايشيا ۽ افغانستان جي لاءِ آمريڪي صدر جي نئين پاليسي ۽ 22 آگسٽ 2017ع جي اعلان ۾ پاڪست??ن بابت بيان جي حوالي سان قومي سلامتي ج?? اهم معاملي تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ج?? ٿيندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي غور ڪيو ويو?? هن قومي سلامتي ڪميٽي ج?? اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪا سان گڏجي امن جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، پاڪستان افغانين جي ذريعي افغان قيادت ۾ امن عمل جي حمايت ڪري ٿو، افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان ??نه??جي سرزمين تي هر قسم جي دهشتگردي ج?? خاتمو ڪيو آهي ۽ انهن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو آهي، پاڪستان ان دوران هزارين جانين جي قرباني ڏني آهي، اسان جي قربانين جو ??عت??اف ڪرڻ گهرجي، اسان ان جنگ ۾ بي پناهه مالي نقص??ن به کنيو آهي، پاڪستان ??نه??جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اها ئي اميد ٻين ملڪن مان رکي ٿو.
افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل