اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال جي ??جيٽ تي سينيٽ جون 75 تجويزون منظور ڪري ورتيون جڏهن ته ترقياتي بجيٽ جي ??والي سان 147 تجويزون غور لاءِ منصوبابندي ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏيون، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ تمام گهڻي گهٽتائ?? ايندي، عام ماڻهو کي هڪجهڙي ترقي جا موقعا ملندا، في ڪس آمدني وڌندي جنهن سان زندگي جو معيار بلند ٿيندو ۽ خوشحال?? ايندي، سمورين سياسي پارٽين جي ??عاون سان جيڪڏهن اسان گڏيل مشاورت سان هڪ ميثاق معيشت تي متفق ٿي وڃون ته اندرئين ۽ ٻاهرئين ملڪ مثبت پيغام پهچندو. قومي اسيمبلي جي ??جلاس ۾ بجيٽ 18 -2017ع تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته آئون انهن اسيمبلي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن مالي سال 18 -2017ع بابت بجيٽ تجويزن تي بحث ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ حڪومتي پاليسين ۽ ??ار??ردگي کي ساراهيو.
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي سينيٽ جون 75 تجويزون منظور
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا