گڏيل قومون -24 جولاءِ (اي پي پي ) گڏيل قومن چين جي ٽياڪڙي ۾ فلسطيني ڌڙن وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ جي ٺاهه جي آجيان ڪئي آه??، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ نيوز بريفنگ دوران ٻڌايو ته چين جي ٽياڪڙي ۾ فلسطيني تنظيمن وچ ۾ معاهدو سٺو سنئوڻ آه??، ان جو مقصد غزه ۾ جاري جنگ جي پس منظر ۾ گڏيل اختلافن کي ختم ڪرڻو آه??. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل فلسطيني ڌڙن پاران بيجنگ پڌرنامي تي صحيحون ڪرڻ جي آجيان ڪئي آه??، اهو فلسطيني اتحاد کي اڳيان وڌائڻ طرف اهم قدم آه??. اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل سمورا ڌڙا ??الهين ذريعي پنهنجن اختلافن تي ضابطو ڪرڻ جي ترغيب ڏين. مٿن زور ڀريندي چيو آه?? ته هو بيجنگ ۾ ڪيل واعدن ۽ ان اعلان تي عمل ڪن جنهن تي هنن صحيحون ڪيون آه??. هن چيو ته فلسطيني اتحاد امن، سلامتي، فلسطيني عوام جي خوداراديت مڪمل طور تي آزاد، جمهوري، قابل عمل ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جي امنگن کي اڳتي وڌائن لاءِ اهم قدم آه??. انتو نيوگوتريس چين پاران ڪيل سفارتي ڪوششن سميت ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ شامل ٻين ملڪن جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي. هن چيو ته گڏيل قومن 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل ۽ اسرائيل – فلسطين تڪرار جي ج??مع ۽ ٻه رياستي حل لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آه?? جنهن ۾ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي ٺهرائن موجب بيت المقدس ٻنهي رياستن جو گادي وارو هنڌ هوندو. ترجمان موجب اسرائيل هاڻي تائين خبردار ڪيو آه?? ته هو غزه جو ڪنٽرول نه ڇڏيندو ۽ نه ئي موجوده فلسطيني اٿارٽي کي اتي جا حڪمران بڻجڻ ڏيندو. واضح رهي ته بيجنگ ڊڪلريشن جي نالي سان نئين معاهدي ۾ 14 مختلف فلسطيني گروپ شامل آه??.
چين جي ٽياڪڙي ۾ فلسطيني ڌڙن وچ ۾ ٺاهه جي آجيان ڪيون ٿا: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن