بيجنگ-29 مئي(اي پي پي)چين رفح ۾ پنهاگيرن جي ڪيمپن تي اسرائيلي بمباري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماننگ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته رفح ۾ جاري آپريشن ڳڻتي جوڳو آهي، چين سمورين ڌرين تي زور ڀر??و آهي ته شهرين ۽ شهري سهولتن جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪن. چين چيو آهي ته اسرائيل عالمي برادري جي اپيل کي ٻڌي ۽ رفح تي حملو روڪي. واضع رهي ته رفح ۾ اسرائيلي بمباري سبب 45 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا ان تازي و??قع?? تي سڄي دنيا پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي، ڪيترن ئي عرب ملڪن ان و??قع?? کي فلسطينين جو قتل عام قرار ڏنو آهي، والهه وارن ملڪن پڻ ان و??قع?? جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته اسرائيلي ان و??قع?? جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔