گڏيل قومون-14 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڊيره اسما??يل خان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي سمورن رياستن تي زور ڀريو آ??ي ته هو حملي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪن. گڏيل قومن جي 15رڪني سلامتي ڪائونسل جي صدر جوز ڊي لاگا سڪا طرفان جاري پريس رليز موجب سلامتي ڪائونسل ??ي ميمبرن متاثرن جي وارثن ۽ حڪومت پاڪستان سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته سلامتي ڪائونسل ??ي ميمبرن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلن ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي، سلامتي ڪائونسل ??ي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دهشتگردي جي ان قابل مذمت ڪاررواين ??ي مرتڪب ماڻهن، منتظيمن، مالي مدد ڪندڙن ۽ سرپرستي ڪندڙن کي جوابده بڻائڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان سان گڏ ٻين سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال سهڪا?? ڪرڻ جي ضرروت آهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو