اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ڪمپنيز آرڊيننس 2016ع لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اس??اق ڊار هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪمپنيز آرڊيننس 2016ع سمورين ڌرين سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. آرڊيننس جو مقصد پ??ڪستان ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر کي عالمي معيار موجب بڻائڻ آهي. نئين قانون سان معيشت ۾ بهتري ۽ اقتصادي ترقي جي شرح ۾ اضافو ٿيندو ۽ گڏيل ثالثي سان معاملن کي بهتر انداز ۾ حل ڪري سگهبو. اس??اق ڊار چيو ته ڪمپنيز آرڊيننس واپاري برادري جي پراڻي مطالبي ??ي مڪمل ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم