اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ن??از شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل حڪومت کي رياست جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. هو آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان ??ان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم هائوس پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي پڻ موجود هئا. وزيراعظم ن??از شريف راجا فاروق حيدر خان کي آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئ?? ته نئين چونڊيل حڪومت آزاد ڪشمير جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری