پيانگ يانگ -10 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪ??ريا جي سربراهه ڪم جونگ اِن چيو آهي، ته سند?? ملڪ ايٽمي طاقت جي تعمير لاءِ هڪ پاليسي تي عمل پيرا آهي ته جيئن ايٽمي هٿيارن جي تعداد ۾ اضافو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه سومر تي رات جو اتر ڪ??ريا جي سالياني يادگار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪِم جونگ اِن مطابق سند?? ملڪ کي پنهنجي ايٽمي صلاحيتن کي وڌائڻ گهرجي ۽ ان جي استعمال کي تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن رياست جي سيڪيورٽي حقن جي ضمانت ڏئي سگهجي. ڪِم واضح ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جي حمايتن جي صورت ۾ موجود مختلف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مضبوط فوجي وجود جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوريا جي دفاع واري وزارت اڱاري ڏينهن ٻيٽ نما ڪورا ۾ گڏيل قومن جي قيادت ۾ شامل ميمبر ملڪن سان گڏ هڪ اجلاس منعقد ڪندي. اتر ڪ??ريا گڏيل قومن جي ڄاڻايل قيادت تي تنقيدي ڪندي ان کي ”غيرقانوني جنگي تنظيم“ قرار ڏنو هو. يانگ يانگ حڪومت ٻنهي ڪوريائن جي سرحد تي مقرر گڏيل قومن جي انتظام هيٺ فورس ۾ جرمني جي شامل ٿي?? تي تنقيد ڪندي چيو ته ان اڳڀرائي سان ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي.
ايٽمي هٿيارن ۾ اضافي ۽ انهن جي استعمال جي تياري ڪري رهيا آهيون: اتر ڪوريا
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ