مڪه مڪرمه -20 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ڪنگ ??بدالعزيز ڪسوه ڪمپليڪس رمضان کان پهرين غلاف ڪعبه جي سار سنڀال ۽ مرمت جو مڪمل ڪيو ??يندو. ميڊيا رپورٽن مطابق سيڪريٽري ڪسوه ڪمپليڪس انجنيئر امجد الحاز??ي ميڊيا کي ٻڌايو ته هر سال رمضان شريف کان پهرين خانه ڪعبه جي سينگار ۽ مرمت جو ڪم ڪيو ??يندو آهي. هن چيو ت?? خانه ڪعبه جي غلاف جي صفائي ۽ مرمت لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ??يندو آهي. هن چيو ته سعودي هنرمند خانه ڪعبه جي غلاف جي هڪ هڪ حصي جو روزانو معائنو ڪندا آهن ۽ جتي به ڪا ڪمي پيشي نظر ايندي آهي ته ان کي دور ڪرڻ جو اهتمام ڪيو ??يندو آهي. جيڪڏهن ڪٿي غلاف ۾ ڪو جهول نظر ايندو آهي ته ان کي فوري طور تي ٺيڪ ڪيو ??يندو آهي. هن چيو ت?? خانه ڪعبه جي هر پاسي کان ٽي ميٽر اوچو ڪپڙو لڳائي غلاف کي ڇڪيو ??يندو آهي. هر طرف کان ان جي صفائي جو به اهتمام هوندو آهي. حجر اسود ۽ رڪن يماني مٿان غلاف جا ڪنارا تبديل ڪيا ويندا آهن. امجد الحازي چيو ته ڪنگ ??بدالعزيز ڪسوه ڪمپليڪس جي ماتحت ڪعبه جي غلاف جي صفائي، سينگار ۽ مرمت ڪيترن ئي ڏهاڪن سان هي ادارو پنهنجي ذميواري ۽ اخلاص سان انجام ڏئي رهيو آهي . هي ڪم مقرره وقت مطابق انجام ڏنو ويندو آهي.
رمضان شريف کان پهرين خانه ڪعبه جي غلاف جي سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر