جده- 06 ا??ري?? (اي پي پي) والاريل بيت المقدس ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي پوليس جي حملي کانپوءِ صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي م??مت ڪئي و??ي. سعودي خابرو اداري م??ابق اردن، مصر ۽ فلسطيني عملدارن سان گڏجي تنظيم جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي. اردن جي پرڏيهي و????رت چيو آهي ته عرب ليگ طرفان اسرائيلي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ اها عالمي انساني قانوني جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته اهڙي طرح جي ڪارروائين جو مقصد والاريل بيت المقدس جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ آهي. ٻئي ??اسي برطانوي خابرو اداري م??ابق عرب ليگ والاريل بيت المقدس ۾ مسجد القصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پر تشدد ڪارروائين سان علائقائي استحڪام کي خطرو آهي. عرب ليگ جاري بيان ۾ مسجد الاقصيٰ ۾ بيگناهه نمازين خلارف اسرائيلي فوج جي ڪارروائين کي ڏوهه قرار ڏنو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته صبح سوير مسجد تي حملي سان تشدد جي لهر اٿڻ جو خطرو آهي جنهن سان خطي ۽ دنيا ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي خطرو آهي. ان کان اڳ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل حمد ابولغيث بيان ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي م??مت ڪندي چيو ته اسرائيلي حڪومت جي پاليسي کي ڪنٽرول ڪندڙ انتهاپسنداڻي نقطه نظر کي نه روڪيو ويو ته اهو فلسطينين سان وڏي پيماني تي تڪرار جو سبب بڻجندو. هوڏانهن نار سهڪار ڪائونسل پڻ اسرائيلي فورسز جي م??لمانن جي قبله اول تي حملي جي م??مت ڪئي آهي. ترڪيه مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي ۽ ان جي اندر ٿيل چڪرين جي م??مت ڪندي ان کي ”نا قابل قبول“ قرار ڏيندي ان جي م??مت ڪندي چيو آهي ته هي م??جد جي تقدس جي پامالي آهي. ترڪيه پرڏيهي و??ير مولود چاوش اوغلو برسلز ۾ نيٽو جي اجلاس جي موقعي تي چيو ته اسان انهن حملن جي م??مت ڪيون ٿا.
عرب ليگ جو هنگامي اجلاس، مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : sorteios quina