اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ا??ان کي شموليت ۽ اضافي جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عورتن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿين ۽ اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن ا??ان کي سڄي دنيا ۾ عورتن جي خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهڻ ۽ انهن چئلينجن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهمڪري ٿو جن ??ان صنفي برابري حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڃا به منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ اهم شعبو جيڪو ا??ان جي ڌيان جو گهرجائو آهي، اهو صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ اختراع جو ڪردار آهي. ڊيجيٽل تفريق عورتن جي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ملازمت جي موقعن تائين پهچ کي متاثر ڪري ٿي جنهن ??ان انهن جا معاشي ۽ سماجي اختيار محدود ٿين ٿا. ا??ان کي ٽيڪنالاجي ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جرئتمنداڻي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازن سالن ۾ نمايان اڳڀرائي جي باوجود ٽيڪ انڊسٽري ۾ عورتن جي شموليت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين انهن جي پهچ گهٽ آهي. ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان ۾ عورتن پاران ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي رجحان ۾ اضافو ڏٺو ويو. وڌيڪ اهو ته عورتون هاڻي تعليم، ڪاروبار ۽ سوشلائيزيسن جي لاءِ آن لائين پل??ٽ فارم استعمال ڪري رهيون آهن. اهو پاڪستان ۾ عورتن جي وڌندڙ رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي پري کان ڪم ڪرڻ ۽ ڊيجيٽل پل??ٽ فارمز تي روزگار جا موقعا ڳولي رهيون آهن. جيتوڻيڪ اهو ڪافي حوصلي جوڳو آهي، ا??ان کي اڃا به ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ پل??ٽ فارمز تائين انهن جي پهچ کي بهتر ??ڻا??ڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪم ڳولڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پل??ٽ فارمز ج?? استعمال ڪندي عورتون انهن ڪيترين ئي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي سگهن ٿيون جن جو انهن کي روايتي صنعتن ۾ منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ان جي نتيجي ۾ عورتن کي افرادي قوت جو حصو بڻجڻ ۽ معيشت ۾ حصو وجهڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار ??ڻا??ڻ ۾ مدد ملي ٿي. خاتون اول چيو ته ا??ان کي ڊيجيٽل وسيلن تائين پهچ وڌائن، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي سازگار ماحول جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو عورتن کي ٽيڪنالاجي ??ان لاڳاپيل شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل ??ڻا??ي سگهي. هن چيو ته ا??ان کي ٽيڪ ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ گهرجي جيڪو عورتن جي شموليت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي ۽ انهن جي ترقي جا موقعا محدود ڪري ٿو. ا??ان کي شموليت ۽ واڌ جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عورتون ترقي ڪري سگهن ۽ پنهنجي پوري صلاحيتن کي حاصل ڪري سگهن. اچو ا??ان وچن ڪريون ته ٽيڪنالاجي سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ صنفي برابري جي لاءِ ڪم ڪنداسين. گڏجي هڪ اهڙو مستقبل ??ڻا??ي سگهون ٿا جتي عورتن کي موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي ۽ اهي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن.
زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج