اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ??ه هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ??ه ڀارتي عملدارن پنهنجي غيرقانوني طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي ??بضي هيٺ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي ??اءِ زمين کي هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. ه?? سرينگر جي علائقي راج باغ ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آفيس جي عمارت تي ڀارتي قابض عملدارن پاران تازي حملي جي ??ذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو فعل ۽ والاريل علائقي ۾ سياسي آزادي تي هڪ ٻيو حملو قرار ڏنو. ترجمان ڀارتي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير مان ڪشميري مسلمانن جي بي دخلي بابت چيو ته ڀارت جي ڪجهه رياستن ۾ بلڊورز جو استعمال مسلمانن جي جاين کي مسمار ڪرڻ جو عمل ان کي دهشت زده ڪرڻ جي ??اءِ ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان تصديق ڪئي ته زلزلي کان متاثر ترڪيه مان 23 پاڪستاني شهرين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته هيستائين ڪنهن به پاڪستاني جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي ??ئي. هن چيو ته انهن مان 16 ماڻهن کي پاڪستان واپس آندو ويندو جڏهن ته باقي کي ترڪيءَ جي شهر استنبول منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته هيستائين اسان وٽ ترڪيءَ يا شام ۾ ڪنهن به پاڪستاني جي ??ارجڻ جي ڪا به خبر نه آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستانين کي گازيانٽيپ يونيورسٽي مان ڪڍي اڊيانه شهر رکيو ويو آهي. تباهه ٿيندڙ شهر جيڪو زلزلي جي ??رڪز کان اٽڪل 33 ڪلوميٽر پري واقع آهي ۾ زلزلي دوران وڏي جاني نقصان کانسواءِ بنيادي ڍا??چي کي به شديد نقصان پهتو. هن چيو ته ترڪيءَ ۽ شام ۾ ملڪي مشنز زلزلي کان متاثر پاڪستانين کي امداد فراهم ڪرڻ جي ??اءِ لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رهندي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد